فرخ شاهه جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

سکر(بيورو رپورٽ)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي پٽ پي پي ايم پي اي فرخ شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايم پي اي فرخ شاهه کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري 5 مهينن کان وڌيڪ جيل ۾ رکيو ويو هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضمانت منظور ٿيڻ تي فرخ شاهه کي مبارڪ باد ڏيندي چيو آهي ته ظلم جون زنجيرون ٽٽي رهيون آهن، نيب دهشتگردي جو خاتمو ڀت تي لکيل آهي جيڪو سڀني کي نظر اچي رهيو آهي. بلاول چيو ته اڄ فرخ شاهه جي جعلي نيب ڪيس ۾ ضمانت ٿي آهي، سڀاڻي اهڙا ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ اڻٽر آهن، نيازي حڪومت خورشيد شاهه ۽ سندس خاندان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو