فرخ شاهه جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ ٿي ويو

سکر(بيورو رپورٽ)احتساب عدالت سکر پاران گرفتار پ پ ايم پي اي فرخ شاهه جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 13 نومبر تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۽ گرفتار ايم پي اي فرخ شاهه جي ضمانت واري درخواست جي احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي جي عدالت ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه. سندس گرفتار پٽ ايم پي اي فرخ شاهه ۽ ريفرنس ۾ شامل ٻيا جوابدار پيش ٿيا عدالت ايم پي اي فرخ شاهه جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو 13 نومبر تي ٻڌائڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي واضح رهي ته نيب خورشيد شاهه سوڌو 18 ڄڻن خلاف 1 ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪرايل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو