فراڊ ڪيس جا 11 جوابدار جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

مٺي(ن سنڌيار)ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل انوکو فراڊ ڪندڙ 11 جوابدار کي عدالت جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. هفتو اڳ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جعلي فنگر پرنٽس (آڱوٺن) ذريعي سم ڪارڊ جاري ڪرڻ جي الزام هيٺ 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو۔جوابدار ننگرپارڪر، مٺي، ٺٽو، سجاول ۽ ڪراچي ۾ شهرين کي سلائي مشينون ۽ مختلف قسم جا وظيفا ڏيارڻ جي لالچ ۾ فارم ڀرائي ڊوائيز مشينن ذريعي فنگر پرنٽس ڪرائيندا هئا۔ ايف آءِ اي ننگرپارڪر مان نثار احمد,مٺي مان گوردن, سجاول مان سرواڻ ۽ ڪراچي مان منهاج نالي شخص کي گرفتار ڪري گروه ۾ شامل ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ درجن ڊوائيز مشينون ۽ سوين سم ڪارڊ هٿ ڪيا هئا۔ايف آءِ اي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ جوابدار سرواڻ، گوردن، نثار احمد، الهواريو، عمران علي، مڪيش ڪمار، سجاد علي، روحان شيخ، منهاج، سميع الله ۽ بشير کي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو، عدالت سمورن جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو