فرانس کان لنڊن ويندي5 عورتن سميت 27 پناهگير ٻڏي فوت ٿي ويا

لنڊن(ويب ڊيسڪ) فرانس کان برطانيا ويندڙ  ٻيڙي ۾ 27 مهاجر ٻيڙي چينل ۾ اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. بي بي سي موجب فرانس کان برطانيا ويندڙ  مهاجر برطانوي سامونڊي حدن ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. جن ۾ 5 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهن. رپورٽن مطابق فرانسيسي ۽ برطانوي اختيارين پناهگيرن جي ڳولا لاءِ هوائي ۽ سامونڊ ذريعي ريسڪيو آپريشن ڪري رهيا آهن. برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هو حيران آهي، هن وڌيڪ چيو ته برطانيه انساني اسمگلنگ گروپن کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. فرانسيسي وزيراعظم پڻ چيو آهي ته ٻيڙي جو حادثو هڪ سانحو هو ۽ جيڪي مارجي ويا اهي ڏوهاري اسمگلرن جو شڪار هئا. ٻئي طرف مهاجرن جي عالمي اداري (IOM) جو چوڻ آهي ته 2014ع ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ شروع ڪرڻ کان وٺي علائقائي پاڻين ۾ جاني نقصان جو اهو سڀ کان وڏو نقصان آهي. بورس جانسن چيو آهي ته فرانس انساني سمگلنگ روڪڻ لاءِ وڌي اپاءُ وٺي، فرانس جي صدر چيو آهي ته ان کي سياسي رنگ نه ڏيو گڏجي اپائن و؟ڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو