غير قانوني شڪار ۽ ناظم جوکيو جو بيدردي سان قتل

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه

عرب شڪارين جي دلالي جا داستان تمام گهڻا آهن ۽ سنڌ جا خانداني توڙي نو دولتيا نواب، سردار، ڄام، ڀوتار سڀ ملوث آهن ۽ شڪار جي اوٽ ۾ شراب ۽ شباب جا جيڪي سندن لاءِ انمول اهتمام ڪرڻ وارن کي ان عمل تي ته لڄ ۽ غيرت ناهي ٿيندي پر پنهنجي ماڻهن جي معاملي ۾ سندن غيرت جا گاڏا اٿلي پوندا آهن. ڪير ڇا ڇا ڪندو آهي مان ان طرف نه ويندس مان صرف عرض ڪندس ته اهو ڪٿان جو رواج آهي ته  ٻين ملڪن جي ماڻهن کي چند ڏوڪڙن جي بدلي  پنهنجي ضمير جو سودو ڪري  انهن کي اهڙيون سهولتوپن ميسر ڪجن جو هو تلور کائڻ کان پوء انهن کي جيڪو وڻي اهو ڪن ۽ ائين ڏسئون پيا پاڪستان ۾ ڇا پيو ٿئي ڪيئن انسان ذات جي تذليل پئي ٿئي ڪيئن سنڌ ڌڻي  غيرن ڌارين هٿان مار پيا کائين ته اسان جا پنهنجا  ئي پياري ننڍڙي ويڊيو جيڪو پڻ هو فرض ادا ڪري  عربن سميت انهن وڏين ڀوتارن جا پول پڌرا پيو ڪري ته هي سنڌ ۾ اچي ڇا ڇا ٿا ڪن ڪيئن ٿا تلور مارين ڪيئن ٿا ،،، ڪن  برحال انتهائي ڏکائيندڙ واقعو آهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي عرب امارات ,دبئي  عربستان  شارجه, دبئي جا شهزاده پاڪستان خاص سنڌ جو رخ ڪري سنڌ جي اٻوجهڙن کان چند ٽڪن تي زمين خريد ڪري بنگله جوڙي رهائش ڪن ٿا جتي تلور جي  شڪار لاء تياريون ڪن ٿا ۽ اسان جا ماڻهون انهن جي هر قسم جي خدمت ڪن ٿا ,  جڏھن ته سنڌ اندر عربن جي خدمت ۾ اهڙا ته مدهوش ٿي وڃن ٿا جو جتي تلور سميت ٻين مهمان ناياب پکين جو شڪار ڪن ٿا اتي هآڻ سنڌ جي شعور کي به قتل ڪرڻ شروع ڪن ٿا , اهڙن خيالن جو اظهار  ناظم جوکيو شهيد جي تمام قاتلن جي فوري گرفتاري لاء پير عبدالقادر شآه پارڪ کان ريلي  ڪڍي جيڪآ شاهي بازار کان ٿيندي مين باب دستگير پهتي جتي ريلي ۾ شريڪ  قوم پرست  سماجي اڳواڻن صحآفين شهرين سنڌ جي شعور وند جنهن ۾ ڊاڪٽر نظير کوکر , علي امداد لاڙڪ , پير سرمد نثار ڀٽو , استاد شوڪت گانگهرو , سڪندر سرڪي , سجاد علي , ساجد منگريو سيد پياس علي شاه نديم شيخ , يعقوب وساڻ , انساني حقن جي تنظيم جو اڳواڻ فقير محمد عباسي , اسد وساڻ سيد زوار شاه ڪامريڊ سيد بشير شاه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي بهادر پٽ ناظم جوکيو کي سچ حق ۽ خاص سنڌ جي غدارن ڄام اويس خان جوکيو ۽ ڄام ڪرم جاکيو سالار جوکيو  کي وائکو ڪيو , ۽ جڏھن ته عربن جي ڪرتوتن کي به وائکو پڻ ڪيو ۽ ويڊيو ٺاهي ورتو جنهن تي عرب , سنڌ جا پٺو غدار ڏمرجي پيا ۽ بي گناه قتل ڪيو ويو , هنن وڌيڪ چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قاتلن انهن جي سهولتڪارن کي فوري گرفتار ڪري ڦآهي تي چاڙهيو وڃي  عرب شھزادا جڏھن بہ شڪار تي ايندا آھن تہ اڪيلا ڇو ايندا آھن، انھن سان گڏ سندن خاندان وارا يا گھرواريون گڏ ڇو ناھن ھُونديون؟  انھن کي تلور پکي يا ھرڻ جو گوشت پسند ناھي پر اصل ڪھاڻي ڪجھ ايئن آھي تہ عرب شھزادا جڏھن شڪار گاه ۾ ايندا آھن تہ محل کان پري خيمہ بستي قائم ڪئي ويندي آھي، جتي ٻنپھرن کان پوءِ شڪار شروع ڪيو ويندو آھي، شڪار ۾ شڪرا گھوڙا، ڪُتا ۽ باز استعمال ٿيندا آھن، شڪار ڪرڻ  کان پوءِ شڪار پچايو ويندو آھي، باربي ڪيو، ڪڙھائي، اسٽيم روسٽ سميت ڪيترن ئي قسمن جا طعام تيار ڪري عشاءَ کان پھرين کاڌا ويندا آھن بعد ۾ شھزادا پنھنجن خيمن جو رُخ ڪندا آھن، جتي عربن جي واٺن وڏيرن سردارن مقامي انتظاميہ ۽ ماڻھن جي تعاون سان انھن شھزادن جي نفساني ھوس پوري ڪرڻ لاءِ ننڍي عمر جون مقامي ڇوڪرين کي پيش ڪيو ويندو آھي، انھيءَ ڳالھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تہ ڇوڪريون مقامي مطلب پاڪستاني ھُجن جن جي عمر ننڊي ھُجي، شھزادن کي پيش ڪرڻ کان پھرين انھن ڇوڪرين کي خاص تربيت ڏني ويندي آھي تہ شھزادن کي ڪنھن قسم جي مزاحمت يا پريشانيءَ کي منھن نہ ڏيڻو پوي، اندر جو ڳجھ تہ ڪير نٿو ڄاڻي تہ انھن ڇوڪرين سان ڇا ٿيندو ھوندو پر اھو ئي ٿيندو ھُوندو جيڪو ھڪ باز ڪنھن معصوم پکيءَ سان ڪندو آھي منھنجو پوري قوم کان سوال آھي تہ ڇا اسان دلال آھيون يا ھي ملڪ ڪا ھيرامنڊي آھي، چند پئسن ۽ ويزائن جي انعامات جي عيوض اسين پنھنجيون نياڻيون وڪڻي ٿا ڇڏيون، ڪھڙي ڪم جو اسان جو ايٽم بم، ڪھڙي ڪم جي اسان جي آزادي جيڪا ھزارين جانيون ڏيئي حاصل ڪئي ھُئي، ڪيڏانھن ھلي وڃي ٿي اسان جي قومي غيرت جڏھن اھي شھزادا پاڻ ۾ ويھي پاڪستاني قوم جي عزت ۽ غيرت کي تار تار ڪن ٿا، اسين جن شھزادن جي جھڪي سلامي ڀريندا آھيون، انھن جو پورو ملڪ پاڪستان جي ڪنھن ھڪ شھر کان بہ ننڍو ھُوندو ۽ ڪمزور ايترو جيڪڏھن رڳو ھڪ برگيڊ فوج موڪلي وڃي تہ جنگ وڙھڻ کان سواءِ ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين پر منھنجي خيال ۾ ڏوھ انھن شھزادن جو ناھي ڏوھ اسان جو آھي ڇوتہ جڏھن اسان قومي عزت ۽ غيرت کي ٿالھ ۾ رکي بازار ۾ بيھنداسين تہ خريدار تہ ڪوئي ڀي ٿي سگھي ٿو، ايتري بي عزتي ۽ خواريءَ کان پوءِ اسان کي اھو ايٽم بم پنھنجي دارالحڪومت ۾ رکي ھلائي ڇڏڻ گھرجي شايد ھتي ٻيھر جيڪا قوم آباد ٿئي تہ اھا اسان وانگر ھن ڌرتيءَ تي بوجھ نہ ھُجي برحال هر هڪ پنهنجي پنهنجي مرضي سان لکي رهيو آهي احتجاج پيو ڪري جيڪو ان جو حق آهي ، مان عرض ڪيان ته هن وقت سنڌ اندر خاص جهڙي ريت قانون جي خلاف آئين جي خلاف ڪم پيو ٿئي اهو به اکين يج اڳيان آهي ،  برحال مان عرض ڪندس ته مونکي مائي جندو ياد پئي اچي ان وقت   سوشل ميڊيا نه هئي هن وقت جديد کان جديد هٿيار  سوشل ميڊيا آهي جنهن کي جيڪڏهن بهتري ملڪ يج ترقي لاء استعمال ڪجي ته بهترين پر جيڪڏهن ڪنهن کي ذليل خوار ڪرڻو جي ته بس پوء اها خبر نه ٿي پوي ته  ڇا پيو ٿئي برحال هي دنيا فاني آهي ،  ناظم جکيو جو قت هڪ انسانيت جو قتل آهي ، پر جيڪو ٿيو اهو غلط آهي. zawarsaeen110@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو