غريب عوام جو انتهائي بنيادي مسئلو

افضل ريحان

اسان ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزن جي غلامي جي دور تي ڪيتري به سخت تنقيد ڇونه ڪريون پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته انهيءَ ”سامراج“ نه صرف ماڊرن انڊيا کي هڪ قسم جو وسيع استحڪام بخشيو پر هڪ واضح وحدت ۽ ايڪتا به عطا ڪئي. ان کان علاوه هن خطي ۾ شعوري سطح بلند ڪرڻ جي لاءِ تعليمي حوالن سان اُهي قدم کنيا، جيڪي اسان جي موجوده جديد تعليم جا بنياد بڻيا. انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏني، اسان جو نهري نظام ۽ درياهن تي ٺاهيل بيراج اهي سڀ انگريزن جي غلامي واري دور جي يادگار آهن. اسان جي سڄي جديد عدالتي نظام ۽ انتظامي ادارن جا وسيع قيام يا بنيادي جمهوري ادارن جو ٺهڻ ڏٺو وڃي يا پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ڦهليل ريلوي جي اداري جي عوامي سهولت جو ان حوالي سان جائزو وٺي سگهجي ٿو. جنهن زماني ۾ ترڪي جي عثماني حڪومت ۾ اسپتال جي قيام کي بدعت قرار ڏيڻ جي ”فتويٰ“ جاري ٿي رهي هئي، اسان جو وڏو قومي ۽ ملي دانشور حجاز مقدس ۾ شفاخانه قائم ٿيڻ تي اهو لکي رهيو هو ته سائين اسان کي حجاز ۾ شفا نه موت گهرجي، تڏهن انگريز هتي ڏکڻ ايشيا ۾ عظيم الشان اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج تعمير ڪرڻ تي بضد هو. سلطنت مغليه ۾ جيڪي سهولتون شايد شاهي خاندان يا اميرن جي لاءِ مخصوص هيون، انگريز سرڪار انهن جو رخ عام ماڻهو ڏانهن موڙي ڇڏيو. ڇا مغل دور ۾ ڪو عام ماڻهو اهو سوچي سگهيو ٿي ته جديد بيت الخلا يا ٽائلٽ سسٽم ڇا ٿيندو آهي؟ اهو شعور پهريون دفعو ولايتي حڪومت جي ذريعي هتي آيو. ڪڏهن اسان جا روايتي ماڻهو خلق کي اهو ٻڌائيندا هئا ته گهرن جي ڇت تي بيت الخلا جو ٺاهڻ غلط ۽ سخت گناهه آهي. شيطان ۽ جِنَ ان گهر ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ برڪتون ان گهر مان کڄي وينديون آهن جنهن گهر جي اندر بيت الخلا ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي شڪ آهي ان کي هي درويش ان سڄي بحث جا ثبوت ۽ حوالا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

اسان جي ذهني ڪينواس تي انهن سڀني ڳالهين جو شان نزول جو باعث 19 نومبر جي ڏينهن ٿيو، جنهن کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”ورلڊ ٽائلٽ ڊي“طور ملهايو ويو. اسان جي ميڊيا ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ يونيسيف جي جيڪا رپورٽ شايع ٿي آهي، ان مطابق اڄ به اسان جي ٻه ڪروڙ پاڪستانين وٽ اهڙي سهولت نه آهي. اها انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي. ان سان گڏ ئي ڪي پي ڪي حڪومت بيت الخلا جي تلاش ۾ جيڪا ايپ جاري ڪئي آهي، ان ۾ وزيراعليٰ ڪي پي ڪي جي صلاحڪار براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت به 79 ملين کان وڌيڪ ماڻهو اهڙي سهولت کان پري آهن. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ٽائلٽ جي غير موجودگيءَ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار مشڪل جو شڪار آهن. ڇو ته رفع حاجت جي لاءِ انهن کي رات جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. بيمار ۽ وڏي ڄمار وارا ماڻهو به مشڪل جو شڪار رهندا آهن ۽ انهن جي انا کي تڏهن ڌڪ لڳندو آهي، جڏهن اُنهن کي رفع حاجت جي مناسب جاءِ ناهي ملندي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ جي مطابق خراب صحت ۽ صفائي جي ڪري پاڪستان ۾ 3.94 سيڪڙو جي ڊي پي ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ ساليانو 5.7 ارب ڊالر يعني 8.8 کرب رپين جو نقصان ٿيندو آهي.

پاڪستان کي 2030 تائين روزاني 820 حاجت خانا ٺاهڻا ضروري آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ ”ڪلين انڊيا مهم“تحت گهر ۾ ٽائلٽ جي رسائيءَ کي بهتر طور وڌايو ويو آهي. گهرن ۾ جديد بيت الخلا جي فراهمي پاڪستان ۽ انڊيا ٻنهي ملڪن جو پراڻو مسئلو آهي ۽ اها هڪ اهڙي بنيادي انساني ضرورت آهي، جنهن تي ميڊيا کي ڄاڻ بنا ڪنهن شرم ۽ جهجهڪ جي عام ماڻهن تائين پهچائڻ گهرجي. جڏهن ته حڪومت جو به فرض آهي ته هو عالمي ادارن جي مدد سان پنهنجي ڪروڙين ماڻهن خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي آبادي جو هي انتهائي شديد ضروري ۽ بنيادي مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ جيترو ڪجهه ممڪن هجي ڪري.

درويش جو ننڍپڻ هڪ ڳوٺ ۾ گذريو، انهي ڪري ڳوٺاڻي زندگيءَ جون ڏکيائون ان جي ذهن ۾ نقش ٿي ويو آهن. پنهنجي ڳوٺ جي ابتر صورتحال پنهنجي ننڍي عمر ۾ ڏٺي، جنهن ۾ هڪ بيت الخلا جو مسئلو به هو. اڄ اسان نئين نسل توڙي ان جي تڪليف جو تصور ڪري خصوصن اڌ آبادي عورتن جي حالت جو، جتي هونئن ته سڀني ماڻهن کي رفع حاجت جي لاءِ ڳوٺ کان پري ٻنيءَ ۾ وڃڻو پوندو هو پر عام عورت کي ڏينهن چڙهي ٻاهر وڃڻ مشڪل ٿي ويندو هو. ٻين مندن ۾ ته پوءِ به جيئن تيئن گذارو ٿي ويندو هو پر مينهن جي موسم ۾ جڏهن هر جاءِ تي پاڻي بيهي رهندو هو ۽ فصل پاڻيءَ سان ڀريل، گهٽيون گذرڻ مشڪل هوندو هو، ٿورو تصور ڪيو وڃي ته اهڙي حالت ۾ ٻارن، پوڙهن ۽ خاص ڪري عورتن تي ڇا گذريندي هوندي. جيتوڻيڪ شعوري ۽ معاشي بهتري سان گڏ هاڻي حالتون وڏي حد تائين بهتر ٿي چڪيون آهن پر هاڻي به خاص ڪري ڳوٺاڻي آبادي جي ڪيترن ئي حصن ۾ اهو مسئلو موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو