عُمري جي ادائيگي منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي؛ رابي پيرزاده

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز جي دنيا ڇڏي دين جو رستو اختيار ڪندڙ اڳوڻي گلوڪاره رابي پيرزاده مسجد نبوي کان وڊيو پيغام ذريعي چيو آهي ته عمري جي ادائيگي ان جي زندگي بدلائي ڇڏي آهي. رابي پيرزاده گذريل ڪيترن ڏينهن کان عمري جي ادائيگي لاءِ مقدس جڳهن مڪي ۽ مديني ۾ موجود هئي جتي هن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙ تصوير ۽ وڊيو ذريعي سڀني ماڻهن کي پنهنجي سفر ۽ مقدس جڳهن بابت ٻڌايو. ان موقعي تي رابي پيرزاده پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمري دوران حاصل ٿيندڙ تجربا مداحن سان شيئر ڪندي چيو ته عمري سان منهنجي زندگي بدلجي وئي آهي اڄ منهنجي سالگره آهي اڄ سڀني کان منهنجي سالگره جو تحفو گهرجي ۽ مان چاهيان ته ان تحفي طور توهان منهنجي حق ۾ دعا گهرو. هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي زندگي جي باري ۾ جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان تي ثابت قدم رهڻ جي رب توفيق عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو