عوام کي مهانگائي سبب پريشان ڪندڙ حڪومت جي پريشاني شروع

ليکڪ  محمد اسماعيل لانگاھ

جڏھن به سردي جي موسم شروع ٿئي ٿي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ملڪ کي مخالف ڌر جماعتن آڌار سياسي انتشار جي ور چاڙهيو ويندو آهي ن ليگ جي سابق حڪومت ۽ پ پ جي خلاف به اهڙيون ئي سياسي سرگرميون پکيڙيون ويون هيون جهڙي ريت موجوده پي ٽي آء سرڪار کي گذريل ٽن سالن اندر ن ليگ, پ پ جي يو آء سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو آهي, چوندا آهن ته جهڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي پي ٽي آء پارٽي به مخالف ڌر ۾ رهي طاهر القادري سان گڏجي جيترو ن ليگ کي سوڙھو ڪيو ايترا سور هن وقت سندن لاء پيدا ٿي چُڪا آهن هڪ طرف مهانگائي جيترو غريب عوام کي پريشان ڪيو آهي اوترو سندن حڪومت به پريشان آهي, عمران سرڪار خلاف هن وقت ڪات ڪهاڙا نه صرف مخالف جماعتن کڙا ڪيا ايترا سندن حڪومت ۾ آڻيندڙ به پريشان آهن ته هاڻ عمران سرڪار کي سليڪٽ ڪرڻ واري عوامي تُھمت مان جند آجي ڪيئن ڪجي موجوده حڪومت جي خراب ڪارڪردگي مان ويجهن ذريعن وٽان اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ن ليگ قيات سان معاملا طعي ڪرڻ ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن جنهن تي سندن ن ليگ قيادت پاران سندن آڏو رکيل مطالبن تي ڪابه انڊراسٽنڊنگ نه ٿيڻ ڪري وقت طئي ٿيڻ جو انتظار آهي, موجوده حڪومت سليڪٽرن لاء بُحران کڙا ڪري ڇڏيا آھن جنهن سبب هو نٿا چاهين ته عوامي بغاوت سياسي کلاڙين کان نڪري امپائرن جي ڳاٽي ۾ نه اچي پوي ان کان پهرين ايندڙ ٽن مهينن کي اهم سمجهيو پيو وڃي هن وقت جنهن طريقي سان ملڪ جي سياسي مسئلن کان هٽي ڪري مهانگائي جو جيڪو ناقابل قبول بُحران کڙو ٿيو آهي انکي موجوده حڪومت ڪُجھ حد تائين ٿڌو ڪرڻ لاء وزير اعظم پاران پوري ملڪ جي غريب عوام لاء بغير وياج جي قرض اسڪيم جو اعلان ڪري چُڪو آهي پر ان اسڪيم مان ذريعن مطابق غريب کي فائدو ملڻ ناممڪن ٿو لڳي ان مان فائدو سفارشي بنيادن تي ملي سگهي ٿو ڇو ته ادارن ۾ ڪرپشن ۽ سفارش وسيلي عوامي  حقن جي وڏي پئماني پائمالي ٿي رهي آهي غريب کي حڪومتي پئڪيجن مان ذري برابر به منافعو نٿو پهچي سگهي ان کان پهرين موجوده حڪومت احساس ڪفالت پروگرام هزارين بي سهارا خاندانن کي غير مستحڪم قرار ڏئي سندن نالا قسطن واري رقم مان خارج ڪري ڇڏيا جنهن ڪري حڪومت جي ان تازي فيصلي غريب عوام ۾ وڏي بيچيني پکيڙي ڇڏي آهي ليڪن احساس پروگرام مان مالدار ماڻھون اڃا به فائدو وٺي رهيا آهن عجيب ڳالھ اها آهي ته ڪمپيوٽر جهڙي جديد دور هوندي شفاف نموني جانچ ٿيڻ به اهم معاملو بڻيل آهي جتي صرف غريب عوام جي حقن ڌاڙا هنيا پيا وڃن مهانگائي جي حوالي سان دنيا جي سڀني ملڪن ۾ پاڪستان کي ڇهون نمبر ملڪ قرار ڏنو ويو آهي جتي ڪورونا وبا سبب مهانگائي جي بُحران ڪر کنيو آهي تيل جي قيمتن ۾ اضافي بعد کاڌ خوراڪ جي سمورين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان غريب طبقو انتهائي پريشان آهي ته ڇا جمهوري حڪومتن جون معاشي پاليسيون ڪڏھن بهتر ٿينديون ۽ عوام ڪڏھن سُک جو ساه کڻندو موجوده پي ٽي آء سرڪار کي هٽائڻ لاء مخالف جماعتن ن ليگ, پ پ جي يو آء طرفان اندروني طور ڳٺ جوڙ جون تياريون شروع ٿي چُڪيون آهن ۽ خود سرڪاري ڪابينا ۾ ويٺل منسٽر به اعتراف ڪري رهيا آهن ته ايندڙ ٽي مهينا اهم آهن ۽ اهڙي وارننگ پڻ وزير اعظم صاحب به ڏئي رهيو آهي اهي سڀ انديشا امڪان ان پس منظر هيٺ ٿي رهيا آهن ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کانپوء انجا اثرات خاص طور پاڪستان تي گهڻا پئجي رهيا آهن موجوده آمريڪي صدر افغانستان مان نڪرڻ کانپوء پاڪستان تي تمام گهڻو زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ اڏا ڏنا وڃن ۽ ان آمريڪي مطالبي کي پاڪستان حڪومت خاص طور وزير اعظم عمران خان کُتو جواب ڏئي ويٺو آهي ۽ عالمي پس منظر نامي جي حوالي سان موجوده آمريڪي صدر جو بائيڊن موجوده پاڪستاني وزير اعظم عمران خان ۽ سعودي سربراه شاه سلمان سان تعلقاتن ۾ گهرائپ نٿو رکي ۽ آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ سعودي جي حڪمراني ۾ ڪنهن نموني تبديلي آڻجي جنهن ذريعي مطالبن تائين پهچي سگهجي پاڪستان ۾ مهانگائي جي بُحران کي آڻڻ, آء ايم ايف جي مطالبن ۾ سختي, ايف اي ٽي ايف پاران گري لسٽ ۾ رکڻ اهڙن طريقن سان عمران سرڪار کي سوڙھو ڪرڻ آمريڪي مطالبن جي هڪ ڪڙي ئي سمجهڻ گهرجي ان حوالي ايندڙ ٽن مهينن کي حڪومتي توڙي مخالف ذريعا جهڙوڪر چونڊ سرگرمين ۾ مصروف عمل نظر اچي رهيا آهن ليڪن هن تازي سياسي ماحول بگڙڻ جو بار موجوده حڪومت تي تمام گهڻو پئجي ويو آهي عوام جي بدضني خود اعلي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي رکيو آهي ملڪ جا اصل واڳ به ان ٻُڏتر جو شڪار آهن ته عوام کي ڪنهن طريقي سان مطمئن ڪري پنهنجي مٿان به پيل عوامي غصي واري وزن کي هلڪو ڪجي موجوده پي ٽي آء سرڪار کان پاسيرو ٿي ڪري ڪنهن ٻي سياسي پارٽي کي حڪومتي واڳون ڏجن, اهڙي طرح ڪافي وقت کان ملڪ جي سينيئر سياسي تجزيا نگارن جون به شايد قياس آرائيون ثابت ٿيڻ وڃي رهيون آهن ته ملڪ ۾ ايندڙ ٽن مهينن اندر وڏي تبديلي اچڻ واري آهي پوء اها تبديلي حڪومتي تبديلي ھجي يا عوام ۽ ملڪ جي تقدير جي تبديلي بس وقت جو هرڪنهن کي انتظار آهي عمران سرڪار جي ان تبديلي واري نعري کي اعلي واڳ ڌڻي ڪهڙي روپ ۾ ظاهر ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو