عوام جي مسئلن جو حل عمران حڪومت جي خاتمي ۾ آهي، بلاول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جي بحران سميت سمورن مسئلن جو حل پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خاتمو آهي ملڪ ۾ گيس جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪومت ۾ عوام جي گهرن جا چلها به ٿڌا ٿي ويا آهن،  عمران خان لاڳيتو بحرانن کي جنم ڏئي عوام لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان هڪ ويلي جي کاڌي لاءِ دربدر شهرين کان معافي وٺي، جيڪڏهن حڪومت بر وقت ايل اين جي گهرائي ها ته اڄ ملڪ ۾ گيس جي قلت نه ٿئي ها. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومتي دور  جو پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ڪيو وڃي ها ته اڄ توانائي جو بحران نه هجي ها، گيس مهانگي ڪري به عوام جي پهچ کان پري ڪئي وئي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب اڄ صنعتون پنهنجا ايڪسپورٽ آرڊرز به پورا نه ڪري رهيا آهن، گيس بحران سوڌو ٻين مسئلن کان نجات جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو