عوامي رليف لاءِ بازارون قائم ڪيون پيون وڃن: ڌاريجو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)صنعتن ۽ گڏيل امداد واري صوبائي وزير ڄام اڪرم الله ڌاريجو چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ سستا/بچت بازار قائم ڪيا پيا وڃن. انتظاميه ضروري شين جي سرڪاري اگهه تي وڪرو کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته منافع خورن خلاف به موقعي تي ئي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ناظم آباد بچٽ بازار جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل طحه سليم ۽ ٻيا آفيسر پڻ صوبائي وزير سان گڏ هئا. صوبائي وزير ڄام اڪرم الله ڌاريجو مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو. ميون، ڀاڄين ۽ ٻين شين جي معيار جو جائزو ورتو. صوبائي وزير دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته اهي سرڪاري اگهه تي شيون وڪرو ڪن. صوبائي وزير ڄام اڪرم الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي ڪابينا جا ميمبر ۽ اسيمبلي جا ميمبر سڄي صوبي جي بازارن جو دورو ڪري رهيا آهن. انهن دوري جو مقصد رمضان المبارڪ دوران عوام کي سرڪاري قيمتن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته منافع خورن ۽ ملاوٽ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، سنڌ حڪومت عوام کي هر سطح تي بنيادي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ بچت بازارون قائم ڪيون پيون وڃن. صنعت، گڏيل امداد کاتي واري وزير ڄام اڪرم الله ڌاريجو چيو ته ڪمشنر ڪراچي پرائس لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي پر منافع خورن جون شڪايتون ملي رهيون آهن. وفاقي حڪومت پاران مفت اٽي جي فراهمي هڪ سٺو قدم آهي. سنڌ ۾ به مفت اٽي جي فراهمي بابت جلد قدم کڻڻ جو امڪان آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير اسٽالن جو انگ وڌائڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏنو ويو آهي ته بازارن ۾ سيڪيورٽي جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 بچت بازاريون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تي عمل ڪيو پيو وڃي. اڳواٽ برساتن جي اعلان کانپوءِ نالن جي صفائي جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير جي دوري جي موقعي تي عوام سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو