عوامي تحريڪ ۽ ڪيو اي ٽي ۾ ڦڏو، نئون رخ اختيار ڪري ويو

ٺٽو (ڊ ر)  سنڌ جي ڏاهي، برک اديب، ليکڪ، سياستدان، مفڪر ۽ عوامي تحريڪ جي سربراھ محترم رسول بخش پليجي جي فرزندن  جميل احمد پليجو، سليم اختر پليجو، مسعود انور پليجو، ظفر اقبال پليجو، نورنبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو جيڪو اسان جو ڀاءُ آهي پر هو مسلسل اسان جي خاندان بابت غلط بياني ڪري رهيو آهي. خاندان جي حوالي سان پريس ڪانفرنسون ڪري ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان هلائي سنگين الزام هڻي انتهائي ڪريل حرڪت ڪئي آهي. اسين سڀ ڀائر ۽ ڀينرون اياز لطيف جي بيانن ۽ وڊيو تي هلايل بيانن جي شديد لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي جاين ۽ عوامي تحريڪ جي آفيسن بابت اسين سڀ ڀائر ۽ ڀينرون عوامي تحريڪ سان گڏ آهيون ۽ رسول بخش پليجو صاحب پنهنجي حياتي ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد عوامي تحريڪ جي حوالي ڪيو آهي ۽ اسين هاڻي به عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجي جي پورهيت فڪر، سوچ ۽ عوامي تحريڪ سان گڏ آهيون ۽ آخري دم تائين پنهنجي والد صاحب جي فڪر، سوچ ۽ نظريي ۽ پارٽي سان گڏ رهنداسين. اياز لطيف پليجي جيڪي اسان جي والد صاحب محترم رسول بخش پليجي صاحب ۽ اسان جي خاندان تي سنگين الزام هنيا آهن انهن خلاف قانوني ڪاروائي جو حق رکون ٿا ۽ اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن کي قبضا گير ڪوٺيندي اياز لطيف پليجو چيو هو ته سندس ملڪيتن تي هو قبض آهن ۽ ڪنهن وٽ دستاويز آهن ته هو ڪورٽ ۾ وڃن. سندس دعويٰ هئي ته هن وٽ ملڪيتن جي مالڪي جا ثبوت آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو