عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو ڪنهن چيو هو، ثاقب نثار جواب ڏي، مريم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ليڪ ٿيل آڊيو کي چارج شيٽ قرار ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ثاقب نثار اڳ چيو هو ته هي آواز سندس ناهي، ثاقب نثار کي اڄ نه ته سڀاڻي سچ ٻڌائڻو پوندو. مريم نواز چيو ته ثاقب نثار ٻڌاءِ ته عمران خان کي آڻڻ لاءِ ڪنهن توهان کي چيو، توهان ٻڌايو ته نواز شريف ۽ مون کي سزا ڏيڻ لاءِ توهان کي ڪنهن مجبور ڪيو، ثاقب نثار ٻڌايو ته توهان غير قانوني قدم ڇو کڻڻ تي مجبور ٿيا ۽ ڪير هو جنهن کي چيف جسٽس طور انڪار نه ڪيو. هن چيو ته نواز شريف ۽ ن ليگ جي حق ۾ هي پنجين شاهدي آهي. عمران خان کي چيو ويو ته نواز شريف خلاف درخواست اسان وٽ آڻي، پاناما ۾ 450 ماڻهن جا نالا آيا، انهن کي سزا ڏني وئي، چونڊيل وزيراعظم پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي آفيس مان ڪڍيو ويو. هن جو چوڻ هو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي شاهدي کانپوءِ ارشد ملڪ جنهن نواز شريف کي سزا ٻڌائي هئي، ان جي مون جيڪا وڊيو جاري ڪئي اها عوام جي سامهون آهي. هن چيو ته نواز شريف کي سچ ڳالهائڻ تي ٻاهر ڪڍيو ويو، سپريم ڪورٽ جي تڏهوڪي چيف جسٽس کوسا ان وقت چيو هو ته فيصلو عدليه جي منهن تي ڪارو نشان آهي. گلگت بلتستان جي جج جو حلف نامو سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته چيف جسٽس ڪنهن کي فون ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو ته مريم ۽ نواز شريف جي اليڪشن کان اڳ ضمانت نه ٿيڻ گهرجي. آڊيو ۽ وڊيوتي شايد شڪ هجي پر گلگت بلتستان جو چيف جسٽس ۽ شوڪت عزيز حيات آهن، انهن کي فون ڪري ان بابت پڇو. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز مختلف چينلس کي اشتهار نه ڏيڻ واري پنهنجي آڊيو ليڪ جي تصديق ڪندي چيو ته اهو منهنجو ئي آواز آهي. مريم نواز اعتراف ڪيو ته جڏهن هوءَ ميڊيا سيل جي انچارج هئي ته هن اهڙيون هدايتون ڏنيون، هن چيو ته آئون اهو نه چونديس ته هتان هتان آواز جا ٽڪرا کڻي آڊيو ٺاهي وئي، اهو منهنجو ئي آواز آهي، ان تي ٻئي ڀيري ڳالهائبو. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مريم نواز جو آڊيو ڪلپ ليڪ ٿيو هو، جنهن ۾ هوءَ نالو کڻي هدايتون ڏيئي رهي هئي ته مختلف چينلس کي اشتهار جاري نه ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو