عمران خان خلاف ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا ويا.آءِ جي اسلام آباد ۽ ايف آءِ اي طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف اسلام آباد تائين ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا.پوليس رپورٽ موجب عمران خان خلاف اسلام آباد ۾ 29 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پوليس ۾ 28 ۽ ايف آءِ اي جي رڪارڊ موجب عمران خان خلاف هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ پوليس ڪيس خارج ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 ڪيس جاچ هيٺ آهن ۽ 20 ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ايف آءِ اي فارين ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جا تفصيل پيش ڪرڻ بعد درخواست اڪلائي ڇڏي.عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته ويٺي سموري صورتحال تي نظر رکي ۽ فيصل چوڌري سان رابطي ۾ رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو