عمران خان جي گهر جي خرچ بابت ترين جي وضاحت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جهانگير ترين جسٽس وجيهه الدين جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته هن وقت عمران خان سان جيڪي به لاڳاپا آهن اهي پنهنجي جاءِ تي، مون نئين پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته عمران خان جي گهر جي خرچ لاءِ مون رقم ڪو نه ڀري هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ جسٽس وجيهه الدين بيان ڏنو هو ته عمران خان جي بني گالا واري گهر جو 30 لک ماهوار خرچ ڏيندو هو جيڪو بعد ۾ 50 لک ماهوار ٿي ويو هو. سندس بيان کي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وزيراعظم جي مشير شهباز گِل جسٽس وجيهه الدين کي مسخرو قرار ڏيندي چيو هو ته هو پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ ڪوڙا بيان پيو ڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو