عمران خان جي حڪومت مدو پورو نه ڪندي، آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ عمران خان کي آڻيندڙ اعتراف ڪري رهيا آهن ته کانئن غلطي ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت مُدو پورو نه ڪندي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله کي خبر آهي ته عمران خان کي آڻيندڙ پنهنجي غلطي ڪيئن ٺيڪ ڪندا، مريم نواز منهنجي ڌيئرن جيان آهي، سندس درخواست تي ڪجهه نه ڳالهائيندس. رانا شميم بابت سوال تي هن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي اهو رستو ڏسي چڪا آهيون، جسٽس قيوم، سيف الرحمان ۽ ڪجهه دوستن جوٽيپ مليو هو.

A delegation of WahdatulMuslmeen meets Former president Asif Ali Zardari

ٻئي پاسي مجلس وحدتالمسلمين جي سيڪريٽري جنرل ناصر عباس جعفري زرداري هائوس تي اڳوڻي صدر سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻڻ ملڪ ۾ مذهبي آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو