عمران خان بحران ختم ڪري يا گهر هليو وڃي، بلاول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ عمران خان هر بحران تي نوٽيس وٺڻ بعد چوندو آهي ته آئون ڇا ڪريان چئي وري نوان بحران پيدا ڪندو آهي، وڏيون دعوائون ڪري اقتدار حاصل ڪندڙ عمران خان وٽ بحرانن جي حل لاءِ ڪوبه منصوبو نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري طرفان مهانگائي بابت جاري ٿيل بيان ۾ پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان وڌندڙ مهانگائي جي بحران کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي يا گهر هليو وڃي، وزيراعظم جي نا اهلي سبب ملڪ ۾ هر ماڻهو پريشان آهي، قوم مهانگائي جي صورت ۾ تبديلي جي خوفناڪ قيمت ادا ڪري رهي آهي، ايندڙ ڪيتريون ئي حڪومتن کي اُن جو ازالو ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو