عليم ڊار جي فيصلي ڪينگروز ٽيم کي پريشان ڪري ڇڏيو

سڊني (ويب ڊيسڪ) سڊني ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ٽيم پاڪستاني امپائر عليم ڊار جي هڪ ٻئي فيصلي کان ناخوش نظر آئي پر ريويو به انهن جي ڪم نه اچي سگهيو. مڊ وڪيٽ تي فيلڊنگ ڪندڙ مارنس لڀوشين جو چوڻ هو ته هن آواز ٻڌو آهي. جنهن تي آسٽريليا فيصلي کي چئلنج ڪيو پر ٿرڊ امپائر نائجل لونگ فيلڊ امپائر جو فيصلو برقرار رکيو. ري پليز ۾ بيٽ تي هاٽ اسپاٽ جو ننڍو نقطو موجود هيو. ڪمنٽري باڪس ۾ موجود اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ چيو ته اهو آئوٽ هجڻ جو واضح ثبوت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو