عرفان کي زال پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻويي هٿان قتل ڪرايو، پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل جي ڳٿي سلجهي وئي، قتل ۾ سندس زال، سالِي، سالو ۽ سنڍو ملوث هجڻ جي تصديق ٿي وئي. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مقتول جو سالو غلام اڪبر مهر ۽ سنڍو واجد جکرو کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب واقعي کي ذاتي رنجش جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته عرفان جي زال کائنس سخت رويي سبب تنگ هئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ اڪبر کي 2 لک 20 هزار ڏنا، اڪبر اُنهن پئسن مان موٽر سائيڪل ۽ پستول خريد ڪيا هئا، جوابدار اڪبر تي لکين رُپيا قرض هو، عرفان مهر جي زال پنهنجي ڀاءُ اڪبر کي چيو ته مڙس جي قتل بعد ايترا پئسا ملندا جو قرض لهي ويندو، واقعي بعد فرار ٿيل عرفان مهر جي زال، سالي ۽ سهري جي ڳولا جاري آھي، جيڪي گهر خالي ڪري گم ٿي ويا آهن.ياد رهي ته 2 ڊسمبر تي صبح جو جڏهن عرفان پنهنجي پٽ کي اسڪول ڇڏي موٽيو ته کيس قتل ڪيو ويو هو. گلستان جوهر ۾ ٿيل وارداٽ جو ڪيس ٻئي ڏينهن تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي مرحوم جي ڀاءُ رضوان مهر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. وڪيلن ڪراچي جي لوئ.ر ڪرٽس جي هڙتال ڪئي هئي ۽ روڊ به بلاڪ ڪيوهو.

پهنجو تبصرو موڪليو