عرفان مهر جي گهرواري والدين سميت روپوش، گهر کي تالو

ڊکڻ (ن سنڌيار)ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل ڪيس ۾ سي ٽي ڊي پوليس ڪراچي پاران جاچ تيز ڪرڻ بعد وڌيڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. گذريل ڏهاڙي سي ٽي ڊي پوليس پاران ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور مان مقتول عرفان مهر جو سالو اڪبر مهر سنڍو رحيم بخش مهر ۽ واجد جکرو کي گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتارين ۽ جاچ جو دائرو وڌڻ بعد مقتول جي گهرواري، سس ۽ سندس سهرو ڳڙهي ياسين ڀائي جي کڏ واري پاڙي ۾ اباڻو گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. عرفان مهر جي گهرواري واقعي بعد پنهجي والدين جي گهر رهندي هئي پوليس چڙهائي بعد اها به گهر ڇڏي هلي وئي آهي، مقتول عرفان مهر جي وارثن به پوليس جي جاچ تي مڪمل اعتماد ڪيو هو. واقعي ۾ اهي به انڪشاف ٿيا هئا ته قتل ۾ مقتول عرفان مهر جي گهرواري جا مائٽ ملوث آهن پر پوليس پاران اڄ پريس ڪانفرنس ڪري رازن تان پردو کڻڻ لاءِ چيو ويو هو. سموري واقعي بابت قتل جي الزامن هيٺ آيل عرفان مهر جي گهرواري ۽ سس سميت انهن جي ڪنهن گهر جي فرد جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ سندن گهر وياسين ته گهر کي تالو لڳل هو ۽ پاڙيوارن ٻڌايو ته چڙهائي بعد سمورا ڀاتي گهر کي تالو هڻي نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويا آهن. مقتول جي گهرواري ۽ ٻيا ڀاتي فرار ٿيڻ بعد واقعو اڃا شڪي بڻجي ويو آهي، هاڻي پوليس ئي وڌيڪ ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت پريس ڪانفرنس ذريعي ٻڌائي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو