عراقي وزيراعظم جي گهر تي حملو، وزيراعظم محفوظ، گارڊ زخمي

بغداد(ويب ڊيسڪ) عراقي فوج جو چوڻ آهي ته بغداد ۾ وزيراعظم الڪاظم جي رهائش گاهه تي ڊرون بم حملو ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب عراقي فوج جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ مصطفيٰ الڪاظم محفوظ رهيو. حملي ۾  عراقي وزيراعظم جا ڪيترائي محافظ زخمي ٿيا آهن. آمريڪا حملي جي مذمت ڪندي جاچ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي آهي. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته ”اسان حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، جيڪو لڳي ٿو ته هڪ دهشتگرد عمل آهي. هن چيو ته آمريڪا عراقي سيڪيورٽي فورسز سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ بغداد جي سالميت ۽ آزادي تي يقين رکي ٿو.  نيڊ پرائس چيو ته آمريڪا عراقي سيڪيورٽي فورسز کي حملي جي جاچ ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. عراقي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي کان پوءِ بغداد جي گرين زون اندر سيڪيورٽي جي صورتحال سخت ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سرڪاري عمارتون ۽ پرڏيهي سفارتخانا به شامل آهن.  سرڪاري خبرن جي ايجنسي آءِ اين اي  پاران جاري ڪيل تصويرن ۾ عراقي وزير اعظم جي رهائشگاهه جا ڪجهه حصا بري طرح متاثر ٿيا آهن ۽  گيراج ۾ بيٺل گاڏي کي نقصان پهتو آهي. حملي جي ڄاڻ رکندڙ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار جو چوڻ آهي ته حملي ۾ استعمال ٿيل بارودي مواد سان ڀريل ڊرون جي باقيات سيڪيورٽي فورسز جاچ لاءِ گڏ ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو