عدم اعتماد جي تياري ۽ اپوزيشن جو متحد ٿيڻ، خطري جي گهنٽي

ليکڪ عبدالمجيدبروھي 

ھن وقت وفاقي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام بڻجي چڪي آھي ملڪ ۾ ھرطرف افراتفري وارو ماحول آھي ملڪ ۾ روز جي وڌندڙ مھنگائي حڪومتي نااھلي سبب سوئي گئس جي بندش ۽ ٻين عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام بڻجي وئي آھي. اهڙي صورتحال جو فائدو وٺندي بلاول ڀٽو مولانا فضل الرحمان وٽ هلي ويو ۽ پارليامينٽ ۾ متحدو اپوزيشن جي ڪردار بابت ڳالهايو. عدم اعتماد جي اپوزيشن واري تياري بعد هڪ پاسي اتحادين مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم جا تيور به بدلجي ويا آهن ۽ حڪومت ايتري پريشان آهي جو عمران خانهڪ هفتي ۾ 3 ڀيرا پارٽي جي ڪچن ڪيبينٽ جي ميٽنگ گهرائي آهي جيڪو سندن پريشاني کي ظاهر ڪري ٿو. ايئن پيو لڳي ته مالڪن هٿ ڪڍي ڇڏيا اٿس، هڪ فون ڪال تي هر ڪم ڪرڻ وارا به بيزار آهن ۽ اپوزيشن خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ۽ هر ڪو چوي پيو ته ايندڙ سال چونڊن جو آهي. مهانگائي سبب پاڪستان جو ھر ماڻھون حڪومتي ڪارڪردگي مان مايوس آھي نـ صرف مخالف ووٽرڪارڪن ۽ ھمدرد پر پي ٽي آء جا پنھنجا ووٽر ڪارڪن ۽ ھمدرد سندن کان بيزار بڻجي ويا آھن پوري ملڪ جي عوام جون نظرون ھن وقت ملڪ جي اپوزيشن جي طرف آھن سڀ انتظار۾ آھن تـ ڪير تـ سندن جي اڳواڻي ڪري اسان حڪومت خلاف روڊن تي نڪرڻ لاء تيار آھيون پر ڪيراچي اسان جي رھنمائي ڪري ان جي ڪري ھن وقت حڪومتي صفن ۾ پڻ خوف طاري آھي حڪومت کي بـ سندن اندران جي ماڻھن اھو ٻڌائي ڇڏيو آھي تـ پاڪستان جو 90 سيڪڙو عوام اوھان مان نجات پيو چاھي ان جي ڪري اگر اپوزيشن وارا اوھان خلاف نڪتا تـ سڀ انھن جو ساٿ ڏيندا . حڪومتي پريشانين ۾ ھن وقت ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو پوري ملڪ ۾ ھن سردي جي لھر ۾ تيزي اچي وئي آھي پر اسلام ۾ ھن سياسي گرمي جي اضافي سبب سياسي ماحول تمام گرم آھي ڪجھ ڏينھن اڳ وفاقي حڪومت پراميد ھئي تـ اھي پنھنجا سڀ بل قومي اسيمبلي بعد سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مشترڪا اجلاس مان آساني سان پاس ڪرائي ويندا پر انھن کي قومي اسيمبلي ۾ ان وقت ناڪامي ملي جڏنھن انھن جو پيش ڪيل ٻـ بل اپوزيشن وارن ھڪ ٿي ڪري رد ڪري ڇڏيا ان بعد حڪومتي پريشانين ۾ ڪجھ اضافو ٿيو پر پوء انھن سوچيو تـ اسان اھم قانون سازي جن ۾ نيب ترميمي بل ۽ اليڪشن ڪميشن بابت ٿيل بل مشترڪا اجلاس مان پنھنجي اتحادين سان گڏجي آسانيء سان پاس ڪرائي وينداسين ان سلسلي ۾ وزيراعظم پاران تمام اتحادين ۽ حڪومتي ارڪان لاء ڊنر جو بندوبست پڻ ڪيو پر انھن کان انھن کي اپوزيشن ليڊر شھبازشريف گوء کڻي ويو جنھن سموري اپوزيشن جي مان ۾ عشائيو ڏنو جنھن تمام اپوزيشن ارڪان ۽ انھن جي پارٽين جا قائد شامل ٿيا جتي سڀني ھڪ اعلان ڪيو تـ اسان سڀ ھڪ آھيون ۽ ھاڻي ڪنھن بـ پارٽي جو ڪوبـ ميمبر مشترڪا اجلاس مان غيرحاضر نـ رھندو سڀ گڏجي حڪومت کي ناڪام بڻائينداسين ھوڏانھن وزيراعظم پاران ڏنل عشائيي ۾ سندس جي ٻن اھم اتحادين جن ۾ ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاران شامل نـ ٿيڻ ۽ کين آڻيندڙ ٻنھي ترميمي بلز  ۾ حمايت نـ ڪرڻ جو پيغام موڪلي سندن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي ڇڏيو جنھن سبب ڪوٺايل مشترڪا اجلاس کي حڪومت پاران مجبوري ۾ ملتوي ڪري ڇڏيو . ھوڏانھن حڪومت کي وڌيڪ سوڙھو ڪرڻ جي لاء اپوزيشن تمام گھڻي متحرڪ نظر اچي پئي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ان سلسلي ۾ وڌيڪ متحرڪ نظر اچي ويو جيڪو پنھنجا سمورا اختلاف پي ڊي ايم سان ختم ڪرڻ ۽ عمران نيازي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاء پي ڊي ايم جي سربراھ ۽ جي يوء آء جي قائد مولانا فضل الرحمان سان ملڻ لاء سندس گھر وڃي پھتو ان سان گڏ اڳوڻو وزيراعظم سيديوسف رضا گيلاني ۽ پنجاب جو اڳوڻو صدر جيالو قمرالزمان ڪائرا گڏ ھئا بلاول ڀٽو جي ان قدم کي سياسي پنڊت بھترين قدم قرار ڏيندي بلاول ڀٽو کي سياسي ھيرو سڏڻ شروع ڪري چڪا آھن ان کان علاوا پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران ايم ڪيو ايم وارن کي اھو پيغام ڏنو ويو آھي تـ اھي عمراني حڪومت جو ساٿ ڇڏي ڏين ۽ اسان سان سنڌ ۾ اتحادي ٿين تـ جيئن ھو ۽ اسان گڏجي نيازي حڪومت مان ملڪ جي عوام کي نجات ڏياري سنڌ ۾ گڏجي ڪم ڪريون ان سلسلي ۾ ڳالھيون ھلندڙ آھن ھن وقت پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سياسي  اخلاقي طرح سان تمام بھترين ڪم ڪري رھيو آھي ھڪ طرف پنھنجي والد جي ويجھي دوست مولانا فضل الرحمان سان ملي ان جي گھر وڃي کيس پرچائي رھيو جيڪو سندس اخلاقي طور تي بھترين عمل آھي ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ سان سندس جو اندروني ڳالھيون پڻ سندس سياسي ڪاميابين ۾ شامل آھن پي ڊي ايم ھن وقت ان پوزيشن ۾ اچي وئي آھي جڏنھن پ پ پ ۽ اي اين پي پي ڊي ايم جو حصو ھئا ان وقت پي ڊي ايم سان ان نقتي تي اختلاف ٿيا ھئا تـ پ پ پ ۽ اي اين پي جو موقف ھيو تـ نيازي حڪومت جي خاتمي لاء پي ڊي ايم کي لانگ مارچ ڪرڻ گھرجي جڏنھن تـ پي ڊي ايم ۾ شامل ن ليگ ۽ ٻين پارٽين جو موقف ھيو تـ سڀ کان پھريان استعيفا ڏجي جنھن بعد اختلاف تيز ٿي وڃڻ جي ڪري پ پ پ ۽ اي اين پي پاران پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيوـويو پر اڄ جڏنھن پي ڊي ايم وارن پاڻ اھو اعلان ڪيو آھي تـ ھاڻي اھي لانگ مارچ ڪندا نيازي حڪومت خلاف تـ پوء ھاڻي جڏنھن سڀ پ پ پ موقف تي متحد ٿيا آھن تـ لانگ مارچ ڪندا تـ پوء ھاڻي اختلاف ڇا جو سڀ گڏجي وڃن تـ بھتر آھي ان جي ڪري پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاڻ وڃي جي يو آء ۽ پي ڊي ايم جي سربراھ سان ملڻ جي ان جي گھر ويو ان کي چئبو سياسي اخلاقيات ھاڻي سڀ گڏجي جڏنھن نيازي حڪومت کي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاھر شڪست ڏيندا تـ پوء ھن نيازي کي خبر پوندي تـ ملڪ ھلائڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ وڏو فرق آھي. Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو