عدالتي فيصلو پڙهي ڏسو، مون سان وڏي زيادتي ٿي آهي، دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ نامزد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس ۾ مفرور جوابدارن خلاف ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ٿيڻ بعد  15 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت نيب کي مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اڱاري تي عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته ضمانت تي آزاد ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني پنهنجي وڪيلن سان گڏ پيش ٿيو. ان موقعي تي نيب جي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل آغا سراج دراني جي گهرواري، پٽ ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيشي بابت نوٽيس اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا آهن پر ان باوجود اهي پيش نه ٿيا آهن جنهنڪري کين اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت نيب کي 15 جنوري تائين ڄاڻايل ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آغا سراج دراني مٿان الزام آهي ته ان هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جا غير قانوني اثاثه ٺاهيا. پيشي بعد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڙهڻ سان پتو پئجي ويندو ته مون سان ڪيڏي زيادتي ٿي آهي. ميڊيا ٽرائيل ڪري ساک کي نقصان رسايو ويو آهي. هن چيو ته  ضمانت بعد سٺو محسوس ٿي رهيو آهي، آزادي  ته  آزادي هوندي آهي.  آزادي کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي. شاگرد يونين جي بحالي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته شاگرد يونين ذوالفقار علي ڀٽو ٺاهي هئي ۽ انهي مان پيپلز پارٽي جو قيام ٿيو هو. پيپلز پارٽي ته  هميشه شاگرد يونين جي بحالي جي ڳالهه ڪئي آهي.  شاگرد يونين مان نڪري نوجوان سياست ۽ اقتدار ۾ اچن ٿا. هن چيو ته شاگرد يونين ليڊر شپ ضروري آهي ۽ پارٽي کي مضبوط شاگرد ئي بڻائين ٿا. هن چيو ته اسان کي ضمانتون ملڻ الله پاڪ جي مهرباني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي حالتون هر ڪلاڪ ۾ تبديل ٿين ٿيون. آغا سراج دراني چيو ته وفاق جي حالتن جي مون کي خبر ناهي پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا پنهنجو مدو پورو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو