عالمي عدالت پاران روسي صدر جا گرفتاري وارنٽ جاري

هيگ (ويب ڊيسڪ) بين الاقوامي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) جمعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي هڪ سال کان پاڙيسري ملڪ يوڪرين تي حملن ۾ جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پوتن جي خلاف گرفتاري وارنٽ جي “ڪا به اهميت نه آهي”. عالمي عدالت جو فيصلو گڏيل قومن جي جانچ ٽيم جي ان بيان کان ٻئي ڏينهن تي سامهون آيو آهي جنهن ۾ کيس جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو. يو اين مٿس ڄاڻي واڻي عام شهرين کي قتل جو به الزام لڳايو آهي. ان ڳالهه جي به اهميت آهي ته چيني صدر شي جن پنگ جي روس جي دوري کان هڪ ڏينهن اڳ عالمي عدالت جو حڪم سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو