عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ فواد جو شرڪت کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري لاهور ۾ جاري عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي اڄوڪي تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڇڏيو آهي. فواد چوڌري پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته مون کي اڄ عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪانفرنس جي پڄاڻي هڪ روپوش جوابدار جي تقرير سان ڪئي ويندي. ظاهر آهي ته اها ڳالهه ملڪ ۽ آئين جي مذاق اڏائڻ برابر آهي، تنهن ڪري مون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو