طبقاطي نظام جو شڪار پاڪستان ۽ غريب عوام

ليکڪ سيد زوار حسين شاهه                                  

جيڪڏهن مان پاڪستان اندر عوام جي ڀلائي لاء حڪومت وقت جي پاران پيش ڪيل سهولتن جي ڳالهه ڪيان ته اها زيرو هوندي ، جنهن پاڪستان ۾ رهون ٿا اتي ٽن قسمن جا قانون لاڳو ڪيا ويا آهن هڪ غريب ، ٻيو مڊل ڪلاس ، ٽيون امير لاء آهن ، جيڪڏهن غريب ڪڪڙ چوري ڪري ته پوليس پڪڙي ڦٽڪا هڻي لاڪپ به ڪندس ۽ اهو به ڏٺو آهي ته ان جي ضمانت به بمشڪل ٿيندي ، ٻيو جيڪڏهن مڊل ڪلاس جو شهري جيڪڏهن پنهنجي حق لاء ڪنهن آفيسر سان تيز ڳالهائيندو ته ان کي به پڪڙي داسا هڻي جيل موڪليو ويندو ، جڏهن ته امير ، جنهن کي ڀوتار جاگيردار سياستدان  به چئون ٿا اهو ڀلي ملڪ لٽي  عوام جي رت جا پيسا لٽي ڪرپشن ڪري  ، معيشت تباهه ڪري ، کنڊ ، اٽو ، ڀاڻ ، جهڙو خطرناڪ بحران پيدا ڪري ان کي هر قسم جي ڇوٽ  سان گڏ سهولت مهيا هوندي ، جيڪڏهن ڪٿي ان کي قانون جي پڪڙ م آندو به ويو ته چند روپين يا سون هزارن جوسرڪار  جرمانو ڏيئي ان کي وري رياست تحفظ به مهيا ڪندي ، جڏهن ته هن وقت پاڪستان جي اڪثر ادران م براه راست مداخلت تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر پوء به اسان جمهوريت جو نعرو هڻي هڻي ٿڪجي پيا آهيون  جڏهن ته جهري ريت عوام جي حق تلفي پئي ٿئي جهڙي ريت قانون آئين جي ڀڃڪڙي پئي ٿئي جهڙي ريت سنڌ جي وسيلن تي ، معدنيات ، تيل ،  پيٽرول ، گيس غائب  ، پر قيمتي پٿرن ، زمينن تي قبصا خوري پئي ٿئي اهو به اسان جي اڳيان آهن پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي ملڪيت بچائڻ ، پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ته وري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل به ٿيندا ڀوتارن جاگيردارن جا واٺا حمله به ڪندا انتهائي افسوس پيو ٿئي اسان ڪيڏانهن پيا وڃون ، اسان جي ملڪ عوام جو ڇا ٿيندو ، ڪوئي ڪنهن جي ٻڌڻ لاء تيار ئي ناهي ڪرپٽ مافيه چند ڏوڪڙن جي بدلي غلط پلاننگ سان روڊ  بلڊنگس پيا ٺاهين  ، جڏهن ته پاڪستان جي دستور موجب هر هڪ شهري کي هڪجيترا حق حاصل آهن  رياست پاڪستان ۾ رهندڙ خواه مسلمان هجي يا ڪوئي غير مسلم هجي آئين پاڪستان هر هڪ جي جان مال جي حفاظت لاء ادارن کي پابند بنائي ٿو ، پر بدقسمتي سان ائين سڄي پاڪستان جيان  سنڌ ، ضلعن ، تعلقن ، ٽائون ڪاميٽن ، يونين ڪا.ئونسلن م رهندڙن کي اداره تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن جيڪو وڏو سانحو حادثو آهي ، ائين  ٿيڻ نه گهرجي ،اهڙن خيالن جو اظهار محمد رمصان عباسي، انور ناريجو ڊاڪٽر نظير کوکر ، علي امداد لاڙڪ ، راهب ڳاهو ، سيد زوار حسين شاه شاهنواز سرڪي ، اسد وساڻ ديدار عباسي ، منظور انصاري وجود علي نجيب جوڻو شير محمد سولنگي  . جنيد ميمڻ  عامر راڄپر مجاهد وساڻ  ۽ ٻين سٽي پريس ڪلب تي اقليت پسندن جي تحفط لاء ٿيل سيمينار ۾ ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته اسان سلام پيش ڪيون ٿا خيرپور جي فرض شناس آفيسر اي ڊي سي خيرپور اقبال جنڊاڻ ، اي سي سوڀوديرو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي ، اي سي ڪنگري عديل احمد سوهو جن پڻ اهم گڏجاڻي ڪري غير مسلم اقليت پسندن جي تحفظ لاء بهترين حڪمت عملي جوڙي هر حال م تحفط ڪرڻ لاء اپاء ورتا آهن هنن وڌيڪ چيو ته رياست پاڪستان جي اها زميواري آهي ته نه صرف مسلمان هر شهري پر غير مسلم جي به جان مال جي حفاظت ڪرڻ رياست جي زميواري آهي پر بدقسمتي سان پاڪستان اندر انهن جو تحفط مهيا ڪرڻ م ظاهرن اسان ناڪام ويا آهن ، ڪيترائي مرتبه قانون سازي ڪرڻ بعد به جيئن اقليت پسندن جو تحفط ڪرڻ گهرجي ها نه پئي ڪري سگهيا آهيون جنهن تي اسان کي شرمندگي به ته ڏک به ٿئي ٿو مقررن وڌيڪ چيو ته هاڻ هي جديد سوشل ميڊيا جو دور هلي رهيو آهي جيئن سٽي پريس ڪلب لائيو نيوز اسٽوڊيو هر مسئلي کي براه راست بهترين پينل تجزيه نگارن سميت مععزين اديبن ساعرن داڪٽرن شاگردنم صهافين سماج سڌارڪن کي گهرائي بهترين مسئلا جاگر ڪن ٿا تاڪه رياست پاڪستان جي ادارن تائين رسائي پهچي ، جنهن بعد ڪيترن ئي مسئلن کي اجاگر ڪري سٽي پريس ڪلب لائيو نيوز استوڊيو حل ڪرائي پئي ، هنن وڌيڪ چيو ته هاڻ اقليت پسندن سان زيادتيون بند ٿيڻ گهرجن جيڪڏهن اڃان به  اقليت پسندن سميت هر مظلوم سان ٿيندڙ زيادتي بند نه ٿي ته سڄي دنيا م بدنامي ته ٿيندي پر عام ماڻهون احساس محرومي ۾ مبتلا پن ٿي ويندو جيڪو هن رياست لاء هاڄينڪار آهي    جڏهن ته  پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڀاڻ جي هٿرادو کوت پيدا ڪري ڪرپٽ مافيه ڀوتار ملي ڀڳت ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن جڏهن ته 1768 رويپا سرڪاري ريٽ في بيگ جڏهن ته هاڻ ڀاڻ جا ڊيلر سوداگر 27 سو کان 29 سو روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن ، جڏهن ته سنڌ جي هر شهر سميت تعلقه سوڀوديرو جي راڻيپور ، سوڀوديرو ، هنگورجا سميت بين شهرن ۾ به ابادگارن  ڀاڻ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيا ، جڏهن ته تعلقي سوڀوديرو ۾ نئين قمرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي .ان جي ٽيم ، مختيار ڪار وقار شيخ ، اسسٽنٽ مختيار ڪار نوجوان آفيسر راشد شاهنواز راڄپر آبادگارن جي تڪليفن کي محسوس ڪندي ڀاڻ سان ڀريل ٻه ٽرالا ، ۽ گودامن تي ڇاپا هنيا ، ڀاڻ هٿ اچڻ تي سرڪاري ريٽ تي ڀاڻ جون ٻوريون ابادگارن کي ڏنيون ويون آهن ، اڄ برسات هوندي به فرض شناسي ڏيکاريندي  راڻيپور ۾ هڪ گودام تي ڇاپو هڻي 150 ٻوريون هٿ ڪري فوري آبادگارن کي ڏنيو ويون جنهن بعد آبادگارن شهرين سماجي اڳواڻن  سٽي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور ۾ ڪيترن ئي وڏن واپاري گودام ڀري ڇڏيا آهن خاص کليل خراب تيل انتهائي خطرناڪ چپس ، خراب تافيون کٽمڙا ، کنڊ چانور جا زخيره ٿيل آهن شهرين جي تڪليفن کي مدي نظر رکندي اهڙن واپارين مٿان ڇاپا هني عوام يج قيمتي جانيون بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙا فرض شناس آفيسر سنڌ اندر مقرر ٿين ته هر شهري  جا بنيادي مسئلا به حل ٿيندا۽ عام ماڻهون سک جو ساهه پٽيندا ، جڏهن ته اڇان به ڪيترائي ڀاڻ سميت  ٻين شيئن جا گودام راڻيپور سوڀوديرو ، هنگورجه ۾ موجود آهن جن خلاف توهان کي ايڪشن وٺڻو پوندو ، برحال مٿي ڪجج انتهائي ننڊڙن آفيسرن جي عوام لاڀ  انسان زات لاڀ پيش ڪيل ڪم جي تعريف ان ڪري به ڪئي آهي جو شروعات اسان  توهان کي ڪرڻي آهي ، پر بدقسمتي سان جيڪڏهن چند تائون آفيسرن جنهن م ممتاز انڙ ، سيد محب الله شاه راشدي ، مهمد هاشم منڱڻيجو ، علي گوهر ڦلپوٽو ، يا تاج ڪورائي جيڪو هن وقت راڻيپور تائون آفيسر آهي جنهن لاء اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هو هڪ ننڊڙو ڪائونسل ملازم آهي پر سياسي آشيروارد ، هئڻ ڪري پيو لٽ مار مچائي اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هن مٿان هڪ ٻن آفيسرن جي شفقت جا هٿ آهن ، 6 ڇهن مهينن ۾ لکين روپيا ڪڍرايا ، جڏهن ته غريب نندن وڏن ملازمن جون پگهارون بند يا ڪٽوتي ڪري ، رتائرد ملازمن کي رهيل بقاياجات نه ڏيئي پيو لٽ مار ڪري جهوليون ڀري پيو ٽائون ڪاميٽي راڻيپور کي لٽي ، جيڪڏهن رياست جا ادارن جنهن ، نيب ، ايف آئي اي ، اينٽي ڪرپشن ، سميت ڪنهن کي لٽ مار نظر ناهي آئي ته هو سوشل ميڊيا تي احتجاج اخبارن م خبرون ڪالم ، عام شهرين سماجي اڳواڻن ، ملازمن جا احتجاج ڏسي متان ڪجهه انهن کي اتان هٿ اچي ، برحال عوام جو ان جمهوريت تي اعتماد ناهي رهيو جيڪو کوکلا نعره هڻي روح وندر ڪن ، باقي اها جمهوريت ڪنهن کي نه گهرجي جتي جيڪڏهن ڪنهن هڪ سوئپر ( ڀنگي ) محمد رمضان شيخ جي پگهار بند ٿئي گهر ۾ بيماري بک بدحالي ، ۽ هڪ معصوم نياڻي جنهن جو نالو خوشي هجي بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري موت کي ڀاڪر پائي ، جڏهن ته شهر جي چند معززين سماجي اڳواڻن شهرين کان سواء ڪنهن سياسي اڳواڻ تڏي تي اچي تعذيت ته پري پر ڏک جو اظهار به نه ڪري ، خدا جي واسطي اهرن ڪرپٽ آفيسرن کي پڪڙي گهت ۾ گهت موت جي سزا ڏيو جيڪي چند ٽڪن عيوض معصوم بارڙن ، بزرگن کي مارڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن تڏهن ته لکڻ تي مجبور ٿيس ته هن جمهوريت ۾ نه گيس ، نه بجلي نه ڀاڻ ،نه اسپتالن ۾ غريب مريضن کي سهولت هجي ، نه اجهو مليو نه ڳڀو مليو ، نه نوجوان کي ميرٽ تي نوڪري ملي ، بدحالي خک سبب خودڪشين کان سواڀ عوام کي ڪجهه نه مليو  جڏهن ته ڪرپٽ مافيه ، فرض شناس آفيسرن اٻوجهه عوام درميان حق سچ جي جنگ جاري آهي جاري رهندي جنهن سچ جو ساٿ ڏنو اهو اتي به سرخرو ته اتي به سرخرو ٿيندو                       ، 

پهنجو تبصرو موڪليو