صرف ٻن قسمن جو ٽيڪس هوندو باقي ختم ڪبا، ترين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آھي تھ سڀني کي جي ايس ٽي ۽ انڪم ٽئڪس ڏيڻو پوندو، اندڙ هڪ ٻن سالن ۾ ٻيا ٽئڪس ختم ڪري ڇڏينداسين. اهڙو اظهار هن ڪامياب جوان ۽ چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اهو وساري ڇڏيو ته ٽئڪس نه ورتو ويندو، ٽئڪس وٺڻ رياست جو حق آهي ۽ اسان ٽئڪس وٺنداسين، عالمي ادارن تي ڀاڙڻ جي روايت ختم ڪرڻي آهي، واپارين کي واضح ڪيو ته ٽئڪس نٿا ڏيو ته توهان کي نمائندگي ۽ ووٽ ڏيڻ جو به حق ناهي. شوڪت ترين چيو تھ توهان پنهنجا ٽئڪس ريٽرن ڀريو، ايف بي آر سوڌو ڪير به هراسان نه ڪندو، حڪومت وٽ سڀني جي سرندي وارن جي ڊيٽا اچي وئي آهي. آرٽيفشل انٽيليجنس استعمال ڪندي آمدني جو به پتو لڳائينداسين، رڳو تفصيل ڏيکاري گذارش ڪنداسين ته اهي صحيح آهن ته ٽئڪس ڀري ڏيو. ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ لاءِ به تيار آهيون ٽيڪس سڌارن تي ڪم هلي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو