صدر ولهاري جي قاتل اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪريو

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ٽي مھينا اڳ گھارو ويجھو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پورھيت صدرالدين ولھاري جي امڙ شريفان ۽ وني دادلي ولھاري پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب مڪلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ صدر ولھاري گھارو ويجھو ٻاٻڙا لڳ ڊاڪٽر نعيم پليجو جي زمين تي ھارپو ڪندو ھو، اٽڪل 3 مھينا اڳ 23 آگسٽ واري رات دير سان پوليس موبائلن سندس گھر جو گھيرو ڪري پوليس سندس پٽ صدرالدين ولھاري کي گھران گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد پوليس مٿس پوليس اھلڪارن کي مقابلي ۾ مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ جو ڪوڙو الزام ھڻي کيس ڊي ايس پي گھارو غلام رسول سيال، ايس ايڇ او ممتاز بروھي، اي ايس آء علي گل چانڊيو ۽ ٻين گھارو لڳ جڙتو مقابلو ڄاڻائي کيس بيگناھ ناحق قتل ڪري ممتاز بروھي ۽ ٻين پوليس اھلڪارن شھرين ۾ خوف ۽ دھشت ڦھلائڻ جي نيت سان مقتول صدرالدين ولھاري جي لاش جي تذليل ڪري شھر ۾ رلائيندا رھيا، جيڪا وڏي انسانيت جي تذليل ۽ ساڻن ناانصافي آھي، ھنن چيو تہ پوليس عملدارن صدر ولھاري جي معصوم ٻارڙن کي يتيم ۽ سندس گھر واري کي بيواھ بنائي کانئن سندن سھارو کسي بي يارو مددگار بنائي ڇڏيو آھي. پر اسان حوصلو ناھي ھاريو، اسانکي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل صدر ولھاري جي وارثن سان انصاف ڪري کيس جڙتو مقابلي ۾ ماريندڙ گھارو پوليس خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف سميت تحفظ مھيا ڪيو وڃي. ان موقعي تي صدر الدين ولھاري جي امڙ شريفان پنھنجي پٽ کي ياد ڪندي روئندي بيھوش ٿي ويئي، جنھن کي علاج لاء سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو