صحت کاتي جا برطرف 74 ملازم بحال، نوٽيفڪيشن جاري

نو شهرو فيروز(رپورٽ منظور ملڪ)صحت کاتي سنڌ پاران نوشھرو فيروز جي غير قانوني ڄاڻائي برطرف 74  ملازمن کي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ بحال ڪري ڇڏيو نوٽيفڪيشن جاري۔ تفصيل موجب 10 مهينا اڳ صحت کاتي نوشھروفيروز جي 74 ملازم کي غير قانوني طور برطرف ڪري سندن پگهارون واپس ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جنهن کان پوء پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف 2076 پاران ڪراچي پريس ڪلب تي مسلسل 17 ڏينهن احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالي ڪئمپ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ سيڪريٽري صحت ۽ قانون واري کاتي انڪوائري ڪاميٽي ذريعي کين بحال ڪري ڇڏيو هو جنهن جو اڄ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي ان موقعي تي پيراميڊيڪل اڳواڻن خادم حسين مستوئي عبدالقيوم راهوجو اعجاز ڪاڪيپوٽو حزب الله راڄپر ميوارام ساقي اعجاز ممنائي خوشيء جو اظهار ڪيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو