صحافي احمد نوراني جي گهر واري تي حملو، جوابدار فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ) ميڊيا ذريعن موجب لاهور جي علائقي غازي آباد ۾ نامعلوم ماڻهن سينيئر خاتون صحافي ۽ مقامي اخبار جي سينيئر صحافي احمد نوراني جي گهر واري امبرين فاطمه جي گاڏي تي حملو ڪيو ۽ لٺين سان ونڊ اسڪرين کي ٽوڙي ڇڏيو. جڏهن امبرين فاطمه پنهنجي ٻارن سميت ڪار مان ٻاهر نڪتي ته ٻن نامعلوم ماڻهن سندس پيڇو شروع ڪيو. جيئن ئي ڪار هڪ تنگ گهٽي جي ويجهو پهتي ته ٻن اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪيو. امبرين فاطمه ڪار کي اسپيڊ ڏني ته 2 اڻڄاتل ماڻهو سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا. پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس نمبر 2231/2021 داخل ڪيو آهي. امبرين فاطمه جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ان جي باوجود مون تي ۽ منهنجي ٻارن تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جيڪو مذمت جوڳو آهي. ياد رهي ته احمد نوراني آمريڪا ۾ آهي، فيڪٽ فوڪس ويب سائيٽ تي اڳ ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا جي پرڏيهي ملڪيتن ۽ تازو سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي اها آڊيو ڪلپ رليز ڪئي هئي جنهن ۾ مبينا طور هن هڪ جج کي چيو پئي ته مٿان کان دٻاءُ آهي عمران خان کي اقتدار ۾ آندو پيو وڃي، نواز شريف ۽ مريم نواز جي 2018 جي عام چونڊن تائين ضمانت منظور ناهي ڪرڻي. ثاقب ثار ترديد ڪندي چيو هو ته اهو آواز سندس ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو