شير شاهه ڌماڪو، پي ٽي آءِ ايم اين اي جي والد سميت 16 فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شير شاهه جي پراچا چوڪ وٽ سوئي گيس لائين ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ نجي بئنڪ جي عمارت تباهه ٿي وئي، مارجي ويندڙن جو انگ 16 ٿي ويو آهي، جن ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين عالمگير خان جو والد دلاور خان، هڪ مائٽ ۽ 5 ملازم به شامل آهن. هي عمارت نالي مٿان قبضو ڪري ٺاهي وئي هئي. جنهن ۾ عالمگير جي والد جو شو روم واع هو، پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ خانگي بئنڪ جي عمارت کي سخت نقصان پهتو،  آس پاس جي عمارتن جا به شيشا ٽٽي پيا، آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو انگ 16 ٿي ويو آهي. ڌماڪي جي 8زخمين کي طبي امداد بعد فارغ ڪيو ويو، 6 زخمي اسپتال ۾ داخل آهن جن مان 2 وينٽيليٽري تي آهن. صابر ميمڻ جو چوڻ هو ته جن زخمين کي اسپتال آندو ويو انهن جي جسم جي مٿئين حصي تي زخم هئا.ڌماڪي کان فوري پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون.ڪياماڙي ضلعي پوليس ڌماڪي ۾ تخريبڪاري يا دهشتگردي جي ڪنهن به عنصر جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهو حادثاتي طور گئس پائيپ لائين ۾ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو