شوڪت شورو فوت، ساس پاران 3 ڏينهن سوڳ جوا علان

حيدرآباد(پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز شاھ ۽ رخسانہ پريت چنڙ، خزانچي مارو جمالي آڊيٽر سجاد ميراڻي ۽ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو گڏيل پڌرائي ۾ نامياري ڪھاڻيڪار اديب شوڪت حسين شوري جي وڇوڙي تي 3 ڏھاڙن جي سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آھي ته ڪهاڻيون ۽ ڄامشوري جون هوائون سوڳوار آھن شوڪت حسين شورو هڪ نرم ، ڪپھ کان ڪومل دل رکندڙ تخليقڪار اسان جي وچ ۾ نه رهيو آھي . موت واقعي اداس حبشي آھي، جيڪو مينهن ، کنوڻ ۽ واءُ کنيو ساھ جي سمورين تندن کي تيزي سان لتاڙيندو وڃي رهيو آھي! اڄ سنڌ جي اربيلي ڪهاڻيڪار ۽ اسان جي محبوب يار جي رستي ۾ اچانڪ اچي ، زوريءَ  مداخلت ڪندي شوڪت حسين شوري کي ڪنهن اڄاتي ننگر اغوا ڪري ويو آھي ۽ هي  اڀاڳي خبر سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي تارونءَ مٿان  تَبَرَ وانگي اچي ڪڙڪي آھي

موت هڪ لازوال ڌُن  آھي، اک ۾ ڳوڙھا ، زبان سُن آھي

سنڌ جي هڪ دلبر ، احساسن جي ڪائنات ۾ اڪيلو جاڳندڙ ۽ جاڳائيندڙ شوڪت حسين شوري جي دکدائڪ وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ٽن ڏھاڙن جي سوڳ جو اعلان ڪجي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي سڀني شاخن کي هدايت ڪجي ٿي ته  شوڪت حسين شوري جي ادبي شخصيت ۽ ان جي امر آرٽ  بابت تعزيتي ميڙاڪا ، گڏجاڻيون ۽ پروگرام ڪوٺائي  شوڪت حسين شوري کي ڀيٽائون پيش ڪندي ٽه ڏينهن سوڳ جا گذاريا وڃن ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ٻيون سڀ تقريبون ۽ پروگرام معطل ڪيا ويا وڃن. 

پهنجو تبصرو موڪليو