‘شوبز انڊسٽري ۾ ڀوري رنگ وارين ڇوڪرين کي ترجيع ملي ٿي’

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو چپن ۽ چهري جي پلاسٽڪ سرجري ڪرائيندڙ اداڪارا مٿيرا جي ڀيڻ روز محمد پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ رنگ جي بنياد تي نسل پرستي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. اداڪار روز محمد تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ پنهنجي ڀيڻ اداڪارا مٿيرا سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ شو دوران مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون. انڊسٽري ۾ پنهنجي تجربي جي حوالي سان روز چيو ته هن ڏٺو آهي ته اسان جي انڊسٽري ۾ ڀوري رنگ وارين اداڪارائن کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي. ان حوالي سان اداڪارا صلاح ڏني ته جيڪڏهن اسان کي ڪنهن ڪردار لاءِ ڪاري رنگ جي ضرورت آهي ته اسان کي اهو ڪردار صرف ڪاري رنگ جي اداڪار کي پيش ڪرڻ گهرجي نه ته اڇي اداڪار کي بيس يا ميڪ اپ ڪري ڪاري رنگ جو بڻائي ڇڏيو وڃي ۽ پوءِ کيس ڪردار ادا ڪرڻ ڏيو. شو دوران احسن خان به روز محمد جي صلاح سان اتفاق ڪيو. ياد رهي ته اداڪرا صبور علي به ان معاملي تي ڳالهايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو