’شهيد ناظم سميت سنڌ ۾ قتل جي جوابدارن کي سزا ڏيو‘

گهوٽڪي(ن سنڌيار) سول سوسائٽي پاران سنڌ ۾ ڏاڍ، جبر ۽ طبقاتي اوچ نيچ جي قائم نظام ۽ تازو ملير ۾ قتل ڪيل ناظم جوکيو سميت مختلف واقٿن ۾ مارجي ويلن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته سنڌ ۾ اقانونيت وڌي رهي آهي، انصاف ۾ دير ۽ ڏاڍن مڙسن خلاف پوليس ۽ عدليا جي خاموشي سبب قتل جا واقعا وڌي رهيا آهن. تازو ملير ڪراچي ۾ ناظم جوکيو جي قتل، قمبر ويجهو قتل ٿيل ناري فهميده سيال، ڳڙهي حسن ۾ قتل ٿيل فرحان سرڪي ۽ نصيرآباد ڀرسان قتل ٿيل توفيق ارسلان ابڙو جي بيگناه قتلن خلاف پريس ڪلب کان پپل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ گهوٽڪي جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي گهوٽڪي نمائندن ايڊووڪيٽ لال بخش گهوٽو، خالد حسين لاکو، رئوف پارس دايو، بادل ملڪ سارنگ ڪلادي، محبوب گهوٽو، سيف عباسي، لطيف ميراڻي، اعجاز آزاد ،ممتاز عارباڻي، اڪرم ٿهيم، عبدالحميد ميراڻي، رياض ڪلادي، استاد عبدالغفور سندراڻي، اياز لطيف دايو، صحبت علي ميمڻ، سيد قوت علي شاهه، سيف الله ڪلوڙ، فرمان علي ڪلوڙ، برڪت علي ڪلوڙ،علي گوهر پٺاڻ، عبدالحفيط دايو، محمد سليم دايو، فياض احمد دايو سميت شهرين شرڪت ڪئي جن سنڌ جي سرداري-ڀوتاري نظام خلاف سخت نعري بازي ڪندي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي مقتولن جي خون سان انصاف جي گهر ڪئي ويئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو