شهزادو اينڊريو ريپ ڪيس، وڏي رقم عيوض ڊيل جو انڪشاف

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ورجينيا جيفري، جنهن برطانوي شهزادي اينڊريو تي جنسي استحصال جو الزام لڳايو هو، تنهن سان وڏي رقم جي بدلي ۾ هڪ ڊيل جو انڪشاف ٿيوآهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نيويارڪ جي هڪ عدالت 2009 ۾ ورجينيا طرفان 5 لک ڊالر جي معاوضي جي ڳجهي دستاويز جو انڪشاف ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيفري ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. برطانوي شهزادي اينڊريو خلاف ريپ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ نيويارڪ جي عدالت ۾ ٿيندي، جتي پرنس اينڊريو جا وڪيل ايپسٽين ڊيل جو حوالو ڏيندي ڪيس ختم ڪرڻ جي حق ۾ دليل ڏيندا. ورجينيا جيفري تي پرنس اينڊريو تي جنسي زيادتي جو الزام آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ اهم جوابدار ايپسٽن 2019 ۾ جيل ۾ خودڪشي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو