شهباز شريف جي ميزباني ۾ اپوزيشن جو ڪٺ عدم اعتماد تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف جي ميزباني ۾ ڏنل ڊنر جي دعوت تي اپوزيشن جو ڪٺ، بلاول ڀٽو زرداري، سيد يوسف رضا گيلاني سميت وفد سان گڏ شريڪ ٿيو. مولانا فضل الرحمان غائب رهيو ۽ دعوت جي باوجود پاڻ اچڻ بدران پنهنجي پٽ ۽ مولانا عبدالگھفور حيدري کي نمائندگي لاءِ موڪليو. پي ڊي ايم ٽٽڻ بعد هي پهريون موقعو هو ته اي اين پي سميت اپوزيشن جي سمورين جماعتن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

Screen Shot

بلاول ڀٽو ان موقعي تي چيو ته اپوزيشن ميان شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ گڏجي پي ٽي آءِ جي نالائق حڪومت خلاف گڏيل جدوجهد ڪندي. ذريعن موجب سينيٽ ۾ تهريڪ عدم اعتماد جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بلوچستان ۾ باپ پارٽي ۾ اختلافن بعد پيپلز پارٽي جي دعويٰ آهي ته سينيٽ ۾ عدم اعتماد لاءِ هنن وٽ نمبر پورا آهن. سينيٽ ۾ عدم اعتماد بعد پنجاب ۽ آخر ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو