شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

 شهدادڪوٽ( ڊ ر )تعليم بچايو جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي مقامي اسڪول ۾ استاد پاران شاگردياڻي کي مبينا جنسي حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، تعليم بچايو جدوجهد ڪاميٽي ۾ شامل مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حيات تونيو، حبدار ميرجت، پيربخش ڀٽي، منير بروهي، حاجي خان ڀٽو، امداد لوهر، حافظ عبدالرزاق مگسي، ذوالفقار سيلرو، الله داد خشڪ، حاڪم مستوئي، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پارٽين جا جهنڊا ۽ پينافليڪس کڻي ڪوٽوموٽو چوڪ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جي تعليمي اداري اردو اسڪول ۾ استاد پاران شاگردياڻي کي جنسي حراسان ڪري ڪريل حرڪت ڪئي  آهي جنهن سان استادن جي مقدس پيشي جي بدنام ٿي آھي. هنن چيو ته حڪومتي ڌُر ۽ ڪجھ بااثر ماڻھو الزام هيٺ آيل استاد کي بچائڻ لاء متاثر شاگردياڻي جي والدين، اسڪول جي استادن ۽ ھيڊماستر کي ڌمڪائڻ ۽ هيسائڻ  جي ڪوشش ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته سرڪار مبينا ملوث استاد کي بچائي رهي آھي تنهنڪري سرڪاري سطح تي جيڪا به ڪاميٽي ٺھندي ته اُها جانبدار هوندي. هنن چيو ته واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هوڏانهن تعليم کاتي پاران اسڪول ۾ شاگردياڻي کي جنسي حراسان ڪرڻ واري عمل جي  ڊپٽي ڊي او جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا اردو  اسڪول ۾ انڪوائري ڪري شروع ڪري ڏني آهي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ڊپٽي ڊي قمبر شهدادڪوٽ حاڪم علي بروهي چيو ته هي حساس معاملو آهي جنهن جي سنجديگي ۽ غير جانبدار ٿي انڪوائري ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اڄ الزام هيٺ آيل استاد، هيڊماستر ۽ ڪجھ استادن جا بيان قلم بند ڪيا آهن ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ ٻين استادن ۽ ٻين رخن رهيل ماڻهن جا بيان قلم بند ڪري  بيانن جي روشني ۾ رپورٽ ڊي او قمبر شهدادڪوٽ وٽ پيش ڪنداسين هن چيو انشاء الله الله پاڪ کي حاضر ناظر ڄاڻي انڪوائري ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن سان به زيادتي نه ٿي ۽ نه ئي مقدس اداري جو تقدس پامال ٿي ان ڪري جنهن طرح سان اسان تي هن حساس معاملي ۾ اعتماد ڪيو ويو آهي انشاء الله ان تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو