شاهه اويس ڪينال جي پڇڙي وارن آبادگارن جو ڌرڻو

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)شاهه اويس ڪئنال جي پڇڙي جي آباگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف  انڊس هاء وي تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ڌرڻي ۾ آباگارن ايس يو پي جسقم رواداري تحريڪ سميت مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آبادگارن محمد امين کوسو بابل لطيف کوسو غلام مهدي کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب  شاه اويس ڪئنال جي  پڇڙي جا آبادگار پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن هنن وياج تي  لکين روپين کڻي فصل پوکايو پر پاڻي نه هئڻ سبب  پوکيل فصل ڪڻڪ بصر مرچ  سڪي ختم ٿي ويا آهن جنهن سبب سندن معاشي قتل ٿي رهيو آھي  احتجاج ڪندڙ چتاء ڏنو  ت 20 نومبر تي اڻڄاتل مدي تائين روڊ بند ڪيو ويندو ڌرڻي ۾ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو ايس يو پي ضلع ڄامشورو صدر درياء خان لغاري جسقم جي گلشير کوسو سماجي شخصيتن علي نواز ڪنڀر حاڪم علي کوسو سميت وڏي تعداد ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي هوڏانهن ايريگيشن ايس ڊي او جنيد جوکيو سب انجنيئر خالد قريشي ڌرڻي واري هنڌ پهچي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو