شاهنواز ڏاهاڻي جو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ڊيبيو

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان پاران ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽنهي ميچز ۾ ٽاس ميزبان کٽيا آهن. ٽن ميچز مان 2 ميچ پاڪستان کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. اڄوڪي ميچ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي ڊيبيو ڪري رهيو آهي. سرفراز احمد کيس ٽي ٽوئنٽي ڪيپ ڏني. هو پاڪستان پاران ٽي ٽوئنٽي کيڏندڙ 95 هون پليئر بڻجي ويو آهي. ڏاهاڻي ٽوئيٽ ڪري چيوآهي ته اڄ امڙ جي دعا اگهي وئي آهي. سندس ٽوئيٽ آصفه ڀٽو زرداري سميت ڪيترين ئي شخصيتن ريٽوئيٽ ڪئي آهي. هن ميچ ۾ شعيب ملڪ پٽ جي طبيعت خراب هئڻ ڪري دستبردار ٿي ويو آهي. فخرالزمان، شاهين شاهه آفريدي، شاداب خان به نه پيا کيڏين. سرفراز کي چانس مليوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو