شاهنواز ڏاهاڻي جو لاڙڪاڻي پهچڻ تي شاندار استقبال

لاڙڪاڻو (ن سنڌيار) ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ بنگلاديش خلاف ڊيبيو ڪندڙ  پهرين ئي اوور ۾ وڪيٽ حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اباڻي شهر لاڙڪاڻي پهتو ته سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. پاڪستان سپر ليگ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ۽ بهترين بالر جو اعزاز حاصل ڪندڙ  فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو ته مائٽن، شهرين ۽ مقامي ڪرڪيٽرن کيس گلن جا هار پارائي سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته پاڪستان طرفان کيڏڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پهرين وڪيٽ لاڙڪاڻي جي شهرين جي نالي ڪيان ٿو، ڇو ته مان جڏهن لاڙڪاڻي ايندو آهيان ته هتان جا ماڻهو شاندار طريقي سان منهنجو استقبال ڪندا آهن. هن چيو ته جوفرا آرچر منهنجو رول ماڊل آهي، مان راند ۾ ان کي فالو ڪندو آهيان، پاڪستان طرفان ٽنهي فارميٽن ۾ کيڏي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ چاهيان ٿو. هن سمورن همدردن کي دعا جي اپيل به ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو