شاهد ڪپور جي زال جو مڙس جي سنگتياڻي بابت اهم انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي گهرواري ميرا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس بهترين ساهيڙي شاهد ڪپور سان محبت ڪندي هئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ميرا ٻڌايو ته شاهد ڪپور جي منهنجي ساهيڙي سان سنگت ڪاليج وارن ڏينهن کان هئي. جڏهن مون پنهنجي ساهيڙي کي شاهد سان شادي ڪرڻ جي ڳالهه ٻڌائي ته سندس پهريون ردعمل هو ”او مائي گاڊ“ هن چيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته شاهد ۽ مان هڪ ٻئي کي سڃاڻون ٿا؟ شاهد اسڪول کان وٺي منهنجو پيار آهي ۽ اسان ڪاليج جي زندگي کان سٺا دوست آهيون. ياد رهي ته اداڪار شاهد ڪپور 2015ع ۾ ميرا راجپوت سان شادي ڪئي هئي، کين ٻه ٻار به آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو