شاعرن ۽ راڳين جي ڪچهري، هر طرف واهه واهه ٿي وئي

ڪراچي( رپورٽ باغي ساگر پنھوار )گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران “ثقافتي مشاعرو ۽ محفل موسيقي“ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، نصيحت جي بيتن قومي ۽ رومانوي شعرن تي شاعرن واھ واھ ڪرائي ڇڏي، راڳين قومي لوڪ گيت ۽ صوفياڻا ڪلام ٻڌائي محفل کي چارچنڊ ھڻي ڇڏيا، ڪچهري ۾ ڏات ڌڻين، لوڪ راڳين سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪچهري اسان جي ثقافت جو حصوآهي جنهن سان هڪ ٻئي جي سُڌ سماع جي خبر پوي ٿي، اصغر باغي، جنهن قوم جو ادب شاهوڪار هوندو آهي، اها ڪڏهن به تاريخ جي صفحن مان مٽجي نٿي سگهي: جمشيد زهراڻي تفصيل موجب: سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد پاران آل سنڌ سنگيت ڪار (آسا ) جي سهڪار سان ملير واري علائقي گلشن حديد ۾ ثقافتي مشاعرو ۽ محفل موسيقي جو خوبصورت پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن شاعرن مهر ڊٻائي، اصغر باغي، نواز سومرو، جمشيد زهراڻي، سفير جتوئي ،لالڻ چنو، سڪندر سرواڻ، ياسمين چانڊيو، ڊاڪٽر ثمينه واحد، ساجدہ ميمڻ، شبير لاکو، عبدالستار رستماڻي، امتياز دانش، اصغر عادل، وحيد محسن، ذوالفقار کوسو، عبدالڪريم سومرو، ڪامريڊ امداد نظر ملاح ۽ سگهڙن علي نواز لنجواڻي، عبدالغني عباسي  ۽ ٻين ڀٽائي جي شاعري، نصيحت جي بيتن، پنهنجي نڪور قومي ۽ رومانوي شعرن تي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، ڪچهري کي مهر ڊٻائي سنڌ جي امن، ثقافت، تهذيب تمدن ۽ تاريخ تي لکيل پنهنجي خوبصورت شاعري ٻڌائي خوب داد ماڻي محفل کي موهي ڇڏيو،

Photo Sindhyar

پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ ڏات ڌڻين کي شاخ گلشن حديد پاران سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ڪچهري ۾ لوڪ راڳين لطف گل ميراڻي، گلشير چانڊيو، ڪاشف ڀٽو، الله داد وسطڙو، قدير بلوچ، سرفراز سومرو، محمد حنيف لاشاري خليل قريشي ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام، لوڪ ۽ قومي گيت ٻڌائي محفل منڊي ورتي، پروگرام متعلق پنهنجا ويچار ونڊيندي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري اصغر باغي چيو ته ڪچهري اسان جي ثقافت جو حصو آهي جنهن سان هڪ ٻئي جي سڌسماع جي خبر پوي ٿي، پر افسوس آهي ته اڄ جي هن ڪشمڪش واري ماحول ۾ اسان مان پراڻي ٻولي، ثقافت سميت پراڻيون ريتون رسمون ختم ٿينديون پيون وڃن، اسان جي ڪوششن رهي آهي ته گاهي گاهي اهڙا خوبصورت پروگرام منعقد ڪيون ته جئين اسان جي ثقافت ۽ ٻولي کي هٿي ملي سگهي، ان موقعي تي شاخ گلشن حديد جي سيڪريٽري نواز سومرو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جمشيد زهراڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ لطيف جي ڌرتي ۽ محبتن جو محور رهي آهي سنڌ جي اديبن، ليکڪن، شاعرن پنهنجي ڌرتي سميت سموري دنيا جي لاءِ امن ۽ محبتن جو پيغام ڏنو آهي، دعائون پڻ گهريون آهن، جنهن جي ثابتي لاکيڻي لطيف جي بيت دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين مان ملي ٿي، جڏهن ته ثقافتي مشاعري ۾ علائقي جي نامياري اديبن خليل چانڊيو، غني ڪانڌڙو، فائن آرٽ جي معتبر نالي سڪندر جوڳي، ايڊووڪيٽ عابد زرداري، سينيئر صحافين زوهيب زرداري، مير علي گوهر بلوچ، فاروق ڀنگوار، اصغر لاشاري، اسلم لانگاهه، فيروز ڪيريو، حسن ٽڳڙ، سامي ميمڻ، نبيل ميرجت، حنيف سومرو، جامي ميمڻ، ماجد علي شيدي، آغا شير افضل سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو