سڄي ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، خلق پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند ٿيڻ سبب عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پي ايس او جا پمپ کليل آهن، جن تي وڏيون قطارون لڳل آهن. ڪجهه علائقن ۾ 200 روپيا لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪلفٽن، لياقت آباد، صدر، سهراب ڳوٺ، آءِ آءِ چند ريگر روڊ ۽ ٻين علائقن شامل آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ جتي ڪڏهن ڪڏهن پمپ کليل آهن، اتي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جڏهن ته شهري گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کان علاوه بوتلن ۾ پيٽرول کڻي رهيا آهن. روزگار لاءِ آيل شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته پمپن جي بندش سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به اڪثر پيٽرول پمپ بند آهن، جنهن سبب شهري پيٽرول لاءِ ڊوڙي رهيا آهن. پنجاب ۾ ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سڏ تي لاهور، سرگوڌا، گوجرانوالا، فيصل آباد، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ پمپ بند آهن، جڏهن ته پمپ مالڪن ڊيلرز جي ڪميشن ۾ 6 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو