سڀ ادارا زمينن جي پويا آهن، ڪم ڪير ڪندو؟ عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سمورا ادارا زمينن جي ڪاروبار ۾ لڳي ويا آهن، ايف آءِ اي کي ڪاروبار ڪرڻ جا ڪٿي اختيار مليل آهن، ايف آءِ اي کي اهڙا معاملا ڏسڻا هوندا آهن، پر اُها پاڻ ڪاروبار ۾ لڳي وئي، اهڙو  اظهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ادارن جي نالي سان هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهي ڪاروبار ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ۾ ڪيو. هن ڪيس ۾ ڊي سي اسلام آباد حمزه شفقات ۽ سي ڊي اي چيئرمين جو نمائندو ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو هو، ٻڌڻي دوران ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز جي نمائندي چيو ته ادارن جا ملازم هائوسنگ سوسائٽيز هلائي رهيا آهن، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ملازم نه، پر ادارا پاڻ هائوسنگ سوسائٽيون هلائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو