سپريم ڪورٽ پاران مسجد ڊاهڻ کا روڪڻ واري درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ مدينه مسجد ڊاهڻ کان روڪڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي .سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حد دخليون هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي استدعا ڪئي ته طارق روڊ تي مدينه مسجد ڊاهڻ واري حڪم تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن چيو ته عدالت کي 28 ڊسمبر جي پنهنجي حڪم تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي آهي، عدالت جي حڪم سان مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ٿي رهي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ته مسجد لاءِ متبادل زمين ڏئي سگهي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته مسجد ڊاهڻ جو حڪم ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته اٽارني جنرل صاحب اهو پارڪ اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. جسٽس قاضي امين چيو ته زمينن تي قبضن ۾ مذهب کي استعمال ڪيو پيو وڃي، توهان حڪومت جا نمائندا آهيو، توهان چاهيو ٿا ته آسمان ڪري پر حڪومت نه ڪري، عبادت جي جاءِ ۽ رهڻ جي جاءِ ۾ فرق آهي. اٽارني جنرل چيو ته کيس خبر آهي ته مسجد لاءِ زمين فراهم ڪرڻ رياست ۽ صوبائي حڪومت جو فرض آهي پر عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته پنهنجو حڪم واپس ورتو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اسان رڳو اهو ڪريون ٿا ته مسجد ڊاهڻ جو حڪم ڏيون جيستائين نئين جاءِ نه ملي. اٽارني جنرل چيو ته سنڌ حڪومت ان ڪيس ۾ ڌر ناهي، پهرين صوبائي حڪومت کان مديني مسجد بابت تفصيلي رپورٽ گهرايو. جسٽس گلزار احمد چيو ته اهو تمام غلط آهي، اسان پنهنجا آرڊر واپس نٿا وٺي سگهون، پوءِ ڇا اسان پنهنجا سمورا آرڊر واپس وٺون؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته سنڌ حڪومت جي رپورٽ اچڻ تائين مسجد ڊاهڻ جو حڪم روڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته پارڪ تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم واپس نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن اسان پنهنجا فيصلا واپس وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا ته ان سڄي ڪارروائي جو ڪهڙو فائدو؟ جسٽس قاضي امين چيو ته حددخلين تي مسجد ٺاهڻ غير مذهبي عمل آهي، اسلام ان عمل جي اجازت نٿو ڏئي. سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کان ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ضلعي انتطاميا مسجد سان گڏ دوڪان ۽ ڪجهه گهر ڊاهيا هئا. جنهن بعد جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن مسجد داهڻ جي مخالفت ڪندي چيو هو ته اڳ ۾ فوج جا غيرقانوني پيٽرول پمپ، شادي هال ۽ مارڪيٽ ڊاهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو