سپريم ڪورٽ بار پاران پنجاب ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پنجاب اسيمبلي جون چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سمورن آئيني ادارن کان آئين جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر تائين چونڊون ملتوي ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ تبديل نٿي ڪري سگهي.سپريم ڪورٽ بار موجب اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني مينڊيٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي آئين جي کليل ڀڃڪڙي سان ملڪ ۾ افراتفري پکڙجي ويندي، سمورا آئيني ادارا آئين جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ لاءِ جامع قدم کڻن.

پهنجو تبصرو موڪليو