سَسُ خلاف ناٺي جو زال ۽ ٻارن سميت احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير ) پورهيت خميسو ڀيل پنهنجي زال هانسو ۽ ٻارڙن سميت پريس ڪلب پهچي پنهنجي سس ڪريمان ڀيل جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته اسان شهر ۾ ننگرپارڪر ويندڙ باءِ پاس تي ڪيترن ئي سالن کان گهر اڏي ويٺل آهيون پر سس گهر تي قبضي لاء مختلف بهانا بنائي اسان کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي مختلف ادارن ۾ اسان جي خلاف ڪوڙيون درخواستون ڏيئي پريشان ڪري رهي آهي روز موتمار ڌمڪيون ۽ گهر کي باھ ڏيڻ سميت لڏائڻ لاء ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي اسان پوليس ۽ روينيو ۾ درخواستون ڏنيون پر انصاف ناهي ٿيو غريب ماڻهون آهيون پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پالي پنهنجي اجهي ۾ آباد آهيون پر سس پئسن خاطر پنهنجائپ جو رشتو ختم ڪري پلاٽ تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي هي شهر جي قبضا خور ٽولي سان مليل آهي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان شهر جي سرڪاري زمين تي قبضا ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن جو هر ماڻهو شاهد آهي هاڻي اسان پويان پئي آهي اسان ڊي سي ٿر ايس ايس پي ٿر کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو