ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت نيوزيلينڊ کي 70 رنز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. محمد شامي 7 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ جا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا. 398 رنز جو ٽارگيٽ چيز ڪندي نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ڀارتي بولرن ٽف ٽائيم ڏنو جڏهن ٽاپ 5 بيٽر آئوٽ ٿي ويا ته ڀارت ميچ تي گرپ حاصل ڪري ورتي. ڪلديپ جا آخري ٻئي اوور شاندار هئا جنهن رنز ٺاهڻ نه ڏنوين. 30 جي مجموعي اسڪور تي ڊيون ڪانوي آئوٽ ٿيو، 39 جي اسڪور تي رويندرا به واپس ويو، ڪپتان وليمسن ۽ ڊيرل مچل سٺي پارٽنر شپ لڳائي پر وليم سن 220 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو ته ڀارت گيم تي ڪنٽرول ڪندي وئي. ٽام ليٿم به 220 تي آئوٽ ٿيو پر بعد ۾ گلين فلپ زبردست ڇڪا هنيا پر هو به گهني دير نه بيهي سگهيو. چيپمين مان اميدون هيون پر هو به وڏي شاٽ جي چڪر ۾ جلدي آئوٽ ٿيو ته نيوزيلينڊ گيم مان آئوٽ ٿيڻ شروع ٿي. ڊيرل مچل سينچري ته هنئي پر سلو اسڪور سبب رن ريٽ ڪافي وڌي ويو. 306 جي مجموعي اسڪور تي 134 رنسون ٺاهي هو به آئوٽ ٿيو. 319 جي اسڪور تي سينتنر به آئوٽ ٿي ويو. ٽم سائوٿي 9 رنسون ٺاهي محمد شامي جو ڇهون شڪار بڻيو. جلد ئي هن ستين وڪيٽ وٺي نيوزلينڊ کي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو. ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 398 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ڀارت نيوزيلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪپتان روهت شرما شوبمن گل سان گڏ اننگز جي شروعات ڪئي.ٻنهي بيٽسمينن ٽيم کي جارحاڻي شروعات ڏني ۽ 8.2 اوورن ۾ اسڪور کي 71 رنسن تائين پهچايو جنهن کانپوءِ ڀارت جي پهرين وڪيٽ ڪري پئي.ڪپتان روهت شرما 47 رنسون ٺاهي ٽم سائوٿ جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.روهت شرما پنهنجي اننگ دوران ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻڻ جو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري ورتو.روهت شرما نيوزيلينڊ خلاف 50 هين ڇڪا هڻي ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽسمين ڪرس گيل کي پوئتي ڇڏي ڏنو.بعد ۾ شبمن گل ۽ ويرات ڪوهلي پارٽنرشپ قائم ڪري اسڪور کي 164 رنسن تائين پهچايو، جنهن کانپوءِ شبمن گل 79 رنسون ٺاهي هارٽ ريٽائر ٿي ويو.ان کان پوءِ ويرات ڪوهلي ۽ شرياس آئر وچ ۾ ٻي وڪيٽ لاءِ 164 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ ڀارت کي وڏي هدف تائين پهچايو.ويرات ڪوهلي 117 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته شرياس آئر 70 بالن تي 105 رنسون ٺاهيون.آخري لمحن ۾ ڪي ايل راهول 39 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 397 رنسن تائين پهچايو.شبمن گل آخري اوور ۾ بيٽنگ ڪرڻ آيو ۽ 80 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿ 100 رنسون ٺاهيون ۽ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٽرينٽ بولٽ 10 اوورن ۾ 80 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.
