screen shot

سيلفين جي دور ۾ ماهره خان جي ”سلوفي“ وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيلفين جي دور ۾ خوبصورت اداڪاره ماهره خان جي سلوفي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ماهره خان آءِ فون 11 پرو ميڪس جي سلوفي فيچر کان بڻايل هڪ مختصر ويڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. ادڪاره وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو مون کي اميد آهي ته مان ان ۾ بهتري آڻي سگهان ٿي ڇاڪاڻ ته هي منهنجي پهرين ڪوشش هئي. ماهره خان جي مداحن ان جي وڊيو کي بيحد پسند ڪيو ۽ ان وڊيو ۾ ادڪاره جي خوبصورتي جون تعريفون پڻ ڪيون. واضح رهي ته معروف آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني آءِ فون ڪجهه ڏينهن اڳ نئين آءِ فون 11 پرو ۽ اليون پرو ميڪس پاڪستن ۾ لانچ ڪيو آهي. آءِ فون جي 11 نئين سيريز ۾ هڪ نئون فيچر به شامل ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو “سلوفي” آهي جنهن جي ذريعي صارف سلو موشن سيلفي ريڪارڊ ڪري سگهي ٿو. اها سلو في ايپل فون جي فرنٽ ڪيمرا کان هڪ سيڪنڊ ۾ 120 فريم تي ريڪارڊ ٿئي ٿي جيڪا سيلفي ۾ سلو موشن جو اثر ڇڏي ٿي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري ان فيچر جو نالو سلوفي رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو