سياستدان گڏ ويهي ملڪ کي بحران مان ڪڍن:صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو.صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ سڀني سياستدانن کي گڏ ويهي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ تي زور ڏنو آهي.سندس چوڻ هو ته سياستدان گڏ ويهي ملڪ کي بحران مان ڪڍن، ڇو ته (موجوده سياسي) صورتحال ۾ ڪوبه وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته درگزر، امن ۽ سلامتي کي لبيڪ چئو.

پهنجو تبصرو موڪليو