سوويت يونين جو زوال! ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي

اها اڄ کان ٺيڪ 28 ورهيه اڳ ڪرسمس جي رات هُئي، جڏهن سڄي دنيا مان هڪ وڏي سُپر پاور جي ٽُٽڻ جو اطلاع نهايت حيرانگي ۽ غير يقينيءَ جي عالم ۾ منظرِ عام تي آيو. ڪنهن کي يقين نه پئي آيو ته دنيا تي راڄ ڪرڻ واري لڳ ڀڳ پندرهن رياستن تي مشتمل سوويت يونين جي عظيم الشان سلطنت يڪدم ٽُوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيڻ وڃي پئي. گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي تائين سوويت يونين کي عالمي سطح تي هڪ اهڙو موثر سپر پاور سمجهيو ويندو هو، جتي گهٽ ۾ گهٽ 100 مختلف قوميتن جا ماڻهو رهندا هُئا. سوويت يونين جي ايراضي، زمين جو ڇهون حصو هُئي. سوويت بارڊر دنيا جو طويل ترين سرحد هو. نظرياتي طور تي سوويت يونين جي اثر هيٺ دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هُئي. نازي جرمني کي شڪست فاش ڏيڻ ۾ سوويت يونين جو اهم ڪردار هو. ٻي مها ڀاري جنگ عظيم کانپوءِ مدمقابل سپر پاور امريڪا سان گڏ هر محاذ تي مقابلو ڪرڻ جو ارادو رکندڙ سوويت يونين جوهري هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هميشه اڳيان رهيو. ڪلاشنڪوف جهڙا تباهي ڦهلائيندڙ هٿيار ايجاد ڪيا.

سوويت رياستن جو نظامِ تعليم بهترين قرار ڏنو ويندو هو. سوويت يونين جي معيشت دنيا جي ٻئي وڏي معيشت هُئي. دنيا جي پهرين خلائي سيٽلائيٽ ۽ خلاباز جو تعلق به سوويت يونين سان ئي هو. سوويت يونين ويٽنام، ڪيوبا ۽ مڊل ايسٽ جي مختلف انقلابن ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڄ به سوويت نظريو سڄي دنيا جي انقلابين کي متاثر ڪري ٿو. سوويت يونين جي باري ۾ مشهور هو ته هُو جنهن علائقي جو رُخ ڪري وٺي، اُهو فتح ٿيڻ کانپوءِ ناهي بچندو. سوويت يونين معاشي ۽ عسڪري طاقت هُجڻ سان گڏوگڏ، راندين، فنون لطيفه ۽ سائنس جي ميدان ۾ به گهڻو اڳيان هو. پوءِ 25 ڊسمبر 1991ع جو ڏينهن اچي ويو، جڏهن سوويت يونين جي آخري صدر ميخائل گورباچوف باضابطه طور تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. آخري ڀيرو ڪريملن تي سوويت يونين جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ قومي ترانو پڙهيو ويو. گاديءَ واري هنڌ ماسڪو ۾ قائم ڪيل سرڪاري ٽي وي سوويت يونين جي جهنڊي بجاءِ روس جو ٽي رنگو جهنڊو نشر ڪري ڇڏيو، جيڪو ان ڳالهه جي علامت هو ته 1917ع ۾ قائم ٿيندڙ سوويت يونين 74 ورهين کان پوءِ هاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي چُڪو آهي.

تاريخ جي شاگرد طور مان سمجهان ٿو ته سوويت جي ٽُٽڻ جا ٻيا ڪيترائي سبب آهن، پر سڀ کان وڌيڪ اهم گوربا چوف جو اقتدار ۾ اچي وڃڻ هو. ان ڳالهه ۾ ڪي ٻه راءِ ناهن ته سوويت يونين جو نظامِ حڪومت خوف ۽ جبر تي مبني هو. آمرانه طرز حڪومت جي بدولت شهري پنهنجي جمهوري حقن کان محروم هُئا، پر عظيم الشان سوويت سلطنت جو سلسلو ٽُٽڻ جو وڏو ڪارڻ گوربا چوف جي دورِ اقتدار ۾ عوامي سطح تي وسيع پيماني تي بيچيني هو. افغانستان تي عسڪري قبضو سوويت يونين کي مهانگو پيو هو. يوڪرائين سميت لڳ ڀڳ ڏهه سوويت رياستن خودمختياريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. اهڙي نموني رشيا، بيلاروس ۽ يوڪرائين جي ليڊرن هڪ خفيه ملاقات کان پوءِ سوويت يونين جي خاتمي تي اتفاق ڪري ورتو هو. گوربا چوف معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ نجي سيڪٽر جي حوصله افزائي ۽ ٻاهرين سرمائيڪارن کي راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان سوويت يونين جو نظرياتي اساس وڌيڪ متاثر ٿيو.

اڄ مون کي سوويت يونين جو زوال پاڙيسري مُلڪ ڀارت جي غلط حڪومتي پاليسين سبب به ياد اچي رهيو آهي. هڪ وقت هو ته ڀارت کي سيڪيولرازم جي ڪري دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. عدم تشدد (اهنسا) جي پرچارڪ مهاتما گانڌي انگريز سامراج جي خلاف جدوجهد آزاديءَ جي قيادت ڪئي. ڊپلوميسي ۽ ڊيموڪريسي جي ميدان ۾ ڀارت جو مثال ڏنو ويندو هو. ڀارت جي معيشت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي هُئي. ڀارت جا آءِ ٽي ماهر سڄي دنيا ۾ ڇانيل هُئا. ڀارت معياري دوائون ٺاهڻ جي ڪري ميڊيڪل جي شعبي ۾ پاڙيسري مُلڪن کان اڳيان هو. اڄ ڀارت جي تڪراري شهريت واري قانون سڄي مُلڪ ۾ هنگاما برپا ڪري ڇڏيا آهن. ماڻهو حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪتل آهن. گوربا چوف جي نقشِ قدم تي گامزن موجوده ڀارتي قيادت پنهنجي عوام جي اقتصادي حالت کي بهتريءَ بجاءِ عوام ۾ انتشار ڦهلائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. ڪيتريون ئي ڀارتي رياستون نئين شهريت واري قانون جي نفاذ کان کلم کلا انڪاري آهن. اُن کي حسن اتفاق ئي چئي سگهجي ٿو ته اڳوڻي سوويت يونين ۽ موجوده ڀارت ۾ گهڻي هڪجهڙائي به آهي. ٻئي مُلڪ وسيع ايراضيءَ رکندڙ آهن ۽ عملي سطح تي نمايان مقام رکندڙ آهن. سوويت يونين ۾ اندروني انتشار قيام جي 73 ورهين کان پوءِ شدت اختيار ڪئي هئي ۽ ڀارت به آزاديءَ جي 73هين سال ۾ داخل ٿي رهيو آهي. جهڙي نموني سوويت يونين کي افغانستان ٻوڙي ڇڏيو، اڄ ڀارت کي به ڪشمير سميت ڪيترين ئي رياستن تي عسڪري قبضو برقرار رکڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. اڄ جو ڀارت به پنهنجي نظرياتي اساس کي ترڪ ڪندي شدت پسنديءَ طرف راغب آهي. گوربا چوف جي نقشِ قدم تي گامزن موجوده ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جون شدت پسندانه پاليسيون علائقائي سلامتيءَ سان گڏ خود ڀارت جي لاءِ خطرو بڻجنديون پيون وڃن. اهڙي نموني ڪشمير جو پراڻو تڪرار اڄ به پاڪستان سان سرحدي ڇڪتاڻ جو وڏو ڪارڻ آهي. ڀارتي قيادت کي سوويت يونين جي زوال واري تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي ته انسان جا ڪجهه غلط فيصلا اُن کي آسمان کان زمين تي اُڇلائي سگهن ٿا. خاص ڪري ليڊرن تي تمام گهڻيون ذميداريون عائد ٿين ٿيون ته اُهي تاريخ تي ڪڙي نگاهه رکن ۽ غلطين کان پري رهن.

ڀارت آزاديءَ کان پوءِ هڪ طويل عرصي تائين سوويت يونين جو ويجهو اتحادي رهيو. اُن کي اها ڳالهه بخوبي سمجهڻ گهرجي ته پنهنجي عوام کي بيچينيءَ جو شڪار ڪرڻ، ماڻهن جي دل آزاري، شهري حقن جي پائمالي ۽ تعصب تي ٻڌل پاليسين تي عمل پيرا حڪومتون خود پنهنجي مُلڪ جي زوال جو باعث بڻجنديون آهن. سوويت يونين جو ٽُٽڻ بنا شڪ جي جديد انساني تاريخ جو هڪ عبرت انگيز واقعو آهي ته ڪيئن طاقتور مُلڪ پنهنجي غلط فيصلن جي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا آهن. ڀارت کي ڪنهن به صورت ۾ اهڙا تڪراري فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، جنهن سان عوام مسئلن جو شڪار ٿئي، خطو عدم استحڪام جو شڪار بڻجي ۽ عالمي امن خطري ۾ پئجي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو